56

اچو ته نئين سماج جي تعمير ڪريون…..

ليکڪ: شمن اوٺو مهراڻوي

 اها حقيقت تي ٻڌل ڳالهھ آهي ته سماج ۾ انسانيت جي نالي ۾ منفي سوچ وارا جانور به رهن ٿا، جيڪي انسانيت جو رت به چوسين ٿا ۽ ڪچو به کائين ٿا، انساني اوائلي اشتراڪي زماني جو اثر اڃان تائين برقرار آهي وڻن جا ڇوڏا کائي کائي انسان بگهڙ جي شڪل اختيار ڪري ويو هو ۽ اڄ به ساڳي ڪار آهي، ڀلي کڻي ماڻهو ڇوڏا نه به کائيندو هجي، پر هن دور ۾ به وحشي پڻي جي حد ڪندي معصوم ٻارڙن سان لڄالٽ ڪئي وڃي ٿي، جڳ مشهور ليکڪ شيڪسپيئر اهڙن انيائن تي وڪيلن کي مخاطب ٿيندي پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ” اچو ته ڪهڙو عظيم ڪم ڪريون“ جو انسان دشمن وڪيلن کي قتل ڪريون“ آئون به وڪالت جو شاگرد آهيان اها ڳالهه شيڪسپيئر انهن وڪيلن لاءِ لکي آهي جيڪي مظلومن جو ڪيس نٿا وڙهن، انهن جو ساٿ نٿا ڏين، جڏهن انساني شعور جي ارتقا جي سفر تي نظر ڦيرائجي ٿي ته ڏسجي ٿو ته انساني شعور جي ارتقا جي سفر ۾ غلط تصورن جي ڊگهي تاريخ ۽ ڪردار نظر اچن ٿا، جتي انسانن جي گهڻائي خواهشن جي غلام ٿيندي انتهائي ڪريل قدم کنيا آهن، جڏهن ته شروع کان وٺي ائين رهيو آهي ته جڏهن ڪنهن ڏاهي، فلسفي، سياست، ادب يا تاريخ جي پليٽ فارم تان ڪا علم، منطق ۽سائنس جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ٻئي پاسي وري عقيدت جو نعرو ڏنو ويو آهي ته گهڻائي سائنس کان منهن موڙي جذباتي عقيدت طرف مائل ٿي آهي، دنيا اڄ به جديد، سڌريل ۽ سائنسي هجڻ باوجود عملي طور تي مهذبپڻي واري معراج تي ناهي پهچي سگهي، جيتوڻيڪ اهو ڪو ناممڪن عمل ڪو نه آهي، هن سڄي ماٺار جي عالم ۾ سياسي سماجي شعور کان وانجهيل ڪچڙا ذهن نابالغ سياسي ڇٽيءَ هيٺ پلجندڙ آهن، جن جي ليڊرن جا ڪردار زيرو هوندا آهن، ان ڪري هن سيوريل سماج جي بيٺل پاڻي ۾ هڪڙو وڏو ڀتر اڇلائڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان لهرون پيدا ٿي سگهن، ساڳئي وقت هڪ شعوري بيداري جي شمع ٻارڻ جي به ضرورت آهي. ڇو ته سماج ۾ هر طرف اوندهه پکڙيل آهي ۽ اهڙي اوندهه کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ سماج ۾ هر شعور وند کي هر ڪنڊ کان پنهنجي حصي جو ڏيئو ٻارڻو پوندو ڇو ته سماج کي ڏيئا ڏيئا لاٽ سان ئي روشن ڪري سگهجي ٿو، روشني پوءِ اها ذهنن جي هجي، شعور جي هجي، سياست جي هجي، علم هجي يا ادب جي، روشني ئي بنيادي تبديلي جي علامت آهي، اسان کي ان علامت کي ٻاري رکڻو آهي ۽ نه صرف ايترو پر سماج جي هر پاسي تي هڪ ماءُ وانگر نظر رکڻي آهي، پنهنجا ٻچا محفوظ ڪرڻا آهن، اوهان جهرڪي يا ڪڪڙ جو مثال وٺو جيڪڏهن انهن جي ٻچن تي ڪو جانور يا پکي لامارو ڏيندو آهي ته اهي ڪيئن حرڪت ۾ اچي وينديون آهن، دانهون ڪنديون آهن، سڏ ڪنديون آهن، واڪا ڪنديون آهن ۽ پڇاڙي ۾ پاڻ زوري سان وڙهي پونديون آهن، هن سماج کي ان جهرڪي ۽ ان ڪڪڙ وانگر ٿيڻو پوندو، ڇو ته اسان وٽ هر گهٽيءَ ۾ هر ڪنڊ تي هڪ باز بيٺل آهي، جيڪو معصوم ٻچڙا تاڙي رهيو آهي، اسان کي پنهنجا ٻچا اهڙن بازن کان بچائڻا آهن، اسان کي ذهنن جي تعمير ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن سٺا ذهن تعمير ٿي ويا ته سٺو معاشرو پاڻ ئي تعمير ٿي ويندو پر جيڪڏهن اسان ذهنن ۾ ڏياٽيون ٻارڻ ۾ ناڪام ٿينداسين ته اسان جو آئيندو اونداهو رهجي ويندو ۽ جڏهن به آئينده اونداها رهجي ويندا آهن ته سماجن جي تعمير رڪجي ويندي آهي، انهن وٽ اهڙو ئي وحشي پڻو پيدا ٿي ويندو، جهڙو اڄ اسان وٽ هلي رهيو آهي، ارتقائي سفر تي ته نظر رکي وڃي ٿي پر بدقسمتي سان اسان وٽ اهڙا سماجي سائنسدان نه آهن، جيڪي مستقبل کي نظر ۾ رکن، اهڙا سماجي نظريا ڏين جيڪي ماڻهن جي دلين تي اثر ڪري سگهن، اسان وٽ ڊگرين جا ته مڻ آهن پر شعور جي ذري به نه آهي، ڪا به ڊگري شعور کانسواءِ رڳو ڪاغذ جو هڪ ٽڪرو آهي ۽ اهڙن ٽڪرن اسان جي سماج کي به ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي، اچو ته هن سماج جي نئين تعمير ڪريون جيئن اسان پاڻ کي محفوظ رکي سگهون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو