169

اڪري چودڳي واسي نوجوان لاکاروڊ لڳ ٽرين مان ڪِري فوت

اڪري چودڳي(ن سوڀ) اڪري چودڳي واسي نوجوان ڪراچي مان واپس ايندي لاکاروڊ لڳ ٽرين مان ڪري فوت ٿي ويو آهي. اڪري چودڳي جي ڳوٺ محمد شاھ واسي 32 ورهين جو قاسم شر ولد مولابخش شر ڪراچي مان واپس گهر ايندي هلندڙ ٽرين مان لهڻ جي ڪوشش ڪندي ڪري فوت ٿي ويو، فوتي جي کيسي ۾ موجود شناختي ڪارڊ وسيلي سندس سڃاڻپ ٿيڻ کانپوءِ سندس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته  ڀرپاسي ۾ موجود ماڻهن جو چوڻ هو ته فوتي ٽرين مان لهي پٽڙي سان اچي رهيو هو ۽ سندس ڪنن ۾ موبائل هيڊ فون لڳل هئا ته ٻي ٽريڪ تي ايندڙ ٽرين کيس ٽڪر هنيو آهي، فوتي ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو