ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم جي لاڳيتي شڪست ۽ ان تي ٿيندڙ تنقيد تي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي، محمد عامر ٽوئٽر تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت جي موجوده ڪارڪردگي جي باوجود مان هن ٽيم کي بهترين مڃان ٿو، هي صرف سٺي ۽ بري وقت جي ڳالهه آهي، ڀارتي عوام جي طرفان ڪرڪيٽرز ۽ ان جي گهروارن کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ ان جي بابت غير اخلاقي بيان ڏيڻ تي عامر لکيو ته رانديگر ۽ ان جي گهر ڀاتين کي گاريون ڏيڻ انتهائي شرم جي ڳالهه آهي، محمد عامر ياد ڏياريندي لکيو ته هي نه وساريو ته آخر ۾ ڪرڪيٽ صرف ۽ صرف هڪ راند آهي، واضح رهي ته ورلڊ ڪپ ٽي ٽوئنٽي ۾ ڀارت کي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ هٿان شڪست ملڻ تي ڀارتي شوقين پنهنجي ٽيم کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن، پهرين ميچ ۾ پاڪستان کان شڪست بعد ڀارت جي مسلمان رانديگر محمد شامي جي خلاف ٽوئٽر تي مهم هلائي وئي جنهن بعد ٽيم جي ڪپتان ان جي دفاع ۾ سامهون آيو، بعد ۾ ويرات ڪوهلي جي 9 مهينن جي ڌيءَ واميڪا کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.
