اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو ناڻي وارو وفاقي وزير حفيظ شيخ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزارت جو قلمدان سنڀاليندڙ حماد اظهر اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير حفيظ شيخ جي ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ جي تصديق ڪئي. حماد اظهر پنهنجي ٽوئيٽ ذريعي حفيظ شيخ جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جو اطلاع ڏنو. هن حفيظ شيخ جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.
