130

بائيڊن ۽ آمريڪي ناموس جو سوال…؟؟

ليکڪ: رياض ابڙو

اڳ ۾ انگريزن جي حڪمرانن کي ڏسي ڏاڍي حيرت وٺندي هئي، معنيٰ ڪي سائيڪل تي گهمندي نظر ايندا هئا ته ڪي وري روڊن رستن تي گهمندي ڦرندي  نظر ايندا هئا، پر ڪجهھ اهڙا به يورپي ۽ آمريڪي صدر به ڏٺا جيئن بل ڪلنٽن (جنهن تي توڙي جو اخلاقي چارجز لڳا) پر ڪرپشن کان صاف سٿرو ٿي حڪومت عزت سان ڇڏيائين، ڪرسي ٻين جي حوالي ڪري آرام جي زندگي گذارڻ لڳو، معني اهڙي ڪا ”چارج“ يا بدنامي نه ٿي لڳين، پر هاڻي جون آمريڪا جون حالتون ڏسي حيرت وٺندي آهي، جنهن ۾ هڪ ڏينهن ٽرمپ جا حامي ”ڪيپيٽل“ ۾ گهڙن ٿا، قديمي ۽ تاريخي شيشا ڀڃڻ ۾ دير ئي نه ٿا ڪن، ”جارج ڪلائيڊ“ جي ڪنڌ تي گوڏو رکي ماري ساھه ڪڍڻ ۾ گورا پنهنجي اهڙي ”سپرميسي“ ڏيکارڻ ۾ فخر محسوس ٿا ڪن، وري سڄو عرصو معنيٰ چار سال جنهن ۾ آمريڪين سک جو ساھه نه کنيو، شروع ۾ ئي ٽرمپ مسلمانن جي مٿان پابندي رڳو ان ڪري به هئڻ چاهي ته جيئن رڳو آمريڪي پنهنجي ملڪ ۾ رهن، اهي ئي ڪم ڪاريون ڪن، سڀ نوڪريون انهن جي لاءِ هجن، اهڙي طرح ”ريسسٽ“ گورن پنهنجي اصليت دنيا جي سامهون آندي، معني يورپ جي ٻين ملڪن وانگي جتي ”ايجنگ پرسنس“ جي وڌڻ سان يا ڪم مان رٽائر ٿيڻ سان، انهن جي جاءِ تي ”ٽيڪنيڪل“ ماڻهن جي گهرج پوري ڪرڻ ۾ انهن جي ملڪ جي پنهنجي آبادي ڪافي نه هئي ۽ ان گهرج پوري ڪرڻ لاءِ اهي ٻين ايشيائي ملڪن مان ان ڪم جي ڪرڻ لاءِ ماڻهو گهرائن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ انهن جي آبادي جي شرح ۽ ڪم ڪرڻ وارن ماڻهن جي شرح گهٽجي ٿي، جنهن جي ڪري انهن نوڪرين تي اهي ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن جا ماڻهو ويهي ٿا رهن، جيڪي حقيقت ۾ هاڻي انهن گورن (ريپبلڪن) کان برداشت ناهي، ان ڪري به اهي گاڏڙ ساڏڙ ”سوشلسٽ“ ۽ ”ڪيپيٽلسٽ“ رياستون هاڻي اهڙيون فلاحي رياستون ناهن رهيون ڇو جي آبادي هاڻي انهن پيچن ۽ داون ۾ ڦاسي پئي آهي، جنهن جو مداوا هاڻي ڪجهھ به ناهي، پر رڳو اهو آهي ته اهي ايشيائي ۽ آفريڪي ۽ ٻين خطن جي ماڻهن کي آباد ڪن، انهن جي فلاح ڪن، پر اتي اها ڳالهھ به مڃڻ جهڙي آهي ته عربن جي نسبت اهي انگريز ملڪ پوءِ به ڪجهھ ۽ گهڻي حد تائين ڀلا آهن، جيڪي ڪجهھ سالن جي عرصي تائين رهڻ کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ ”نيشنلٽي“ ڏين ته ٿا، اتي شادين ڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ناهي، اتي تعليم مفت آهي، اتي ميڊيڪل جون سهولتون فري ۽ ڀليون آهن، پر عرب ملڪن ۾ ائين ناهي، پر ڳالهھ وري هتي اها ئي ڪجي ته 6 جنوري واري ڪيپيٽل واري واقعي سڄي دنيا کي ٿرٿلي ۾ وجهي ڇڏيو هو، سڄي آمريڪا ۾ ٽرمپ جي دور ۾ جيڪي به احتجاج ٿيا، جيڪي به ماڻهو مري ويا، جيڪي به سياسي ڏڦيڙ ٿيا، جن جي باوجود به آمريڪي اهڙو ڪو قانون پاس نه ڪرائي سگهيا، جنهن تحت اهي سڀ ڪنٽرول ممڪن ڪري سگهن ها، پر حيرت آهي ته هڪڙي صدر جي جهيڙي ۾ جيڪو اليڪشن جا نتيجا مڃڻ کان انڪاري آهي جنهن جا حامي سڄي آمريڪا کي جنگ جو ميدان بڻائي ويٺا هئا ۽ اڃا به چيلينج ڪن ٿا، جن جي لاءِ اهڙو ڪنٽرول لڳي ٿو اهي اڳتي به نه هلائي سگهندا، معنيٰ اهڙو آمريڪا جيڪو ٻين ملڪن ۾ خاص ٻي ۽ ٽين دنيا ۾ سياسي وڳوڙ ۽ ”ڪنسپائريسي“ ڪرائڻ ۾ انٽريسٽيڊ هوندو هو، هاڻي اهو ئي ملڪ پنهنجي ئي صدرن جي جهيڙي ۾ ڦاسي پيو آهي، هونءَ ريپبلڪن جا صدر جن ۾ جارج ڊبليو بش جيڪو 2001ع کان 2009ع تائين صدر رهيو، جنهن وڏي احسن طريقي سان حڪومت هلائي، پر هي ريپبلڪن جو صدر (ٽرمپ) آمريڪا جي لاءِ مصيبت جو سبب بڻيو هو جو هن جي پرتشدد سياست جي ڪري آمريڪا جي بدنامي ڏاڍي ٿي، جنهن جو اندازو شايد آمريڪي عوام ۽ رياستي ڌرين کي هجي، ۽ اهڙي سياسي رويي جي ڪري ممڪن آهي ته ٻيا وڏا ملڪ هنن سان واپاري لاڳاپا گهٽ يا ختم ڪن، يا اهي اهڙن سياسي ڍنگن ۽ دنگن جي ڪري خود آمريڪي ڪنهن اندروني انتشار جو شڪار ٿين، جيڪا انهن کي ڳوري پئي، يا سياسي فائدن ۽ نقصانن جي ڪري ٽرمپ جي پنهنجي ريپبلڪن پارٽي اندر سياسي ڏار پون. پر اها سڄي صورتحال بائيڊن جي لاءِ مشڪل ثابت ٿيندي، بائيڊن هونءَ ته ”پرواسرائيلي“ آهي، پر ڇا هن جي فيصلن ۾ مسمانن ۽ اسرائيلين جي لاءِ وچٿرو رستو هوندو؟ ڇا اهو اهڙن قدمن جي پٺڀرائي ڪندو، جنهن ۾ آمريڪا جي فلاحي رياست هجڻ جي ثابتي ٿئي، جنهن ۾ مسلمانن جو ۽ غير آمريڪين جو ڀلو ٿئي، يا واقعي ئي ”ڪيپٽيلسٽ ۽ فاشسٽ“ رياست ثابت ٿيندا؟ پر جي ائين به آهي ته پوءِ به واپار جا رستا ڪيئن هلندا؟ يا گورن جي سپرميسي اڃا زور وٺندي؟ يا آمريڪا ۾ مسلمانن جي اچڻ وڃڻ وارن پابندين ائين نه هوندي جيئن ٽرمپ هلائي ۽ ”جارج ڪلائيڊ“ جي موت تي آمريڪي گورن پنهنجي ”ريسسٽ“ واري رڳ ظاهر ڪئي هئي، پوءِ اهڙين پيچيدگين ۾ بائيڊن جا فيصلا ڇا هوندا؟ بائيڊن جي فيصلن ۾ (جيڪي هي اچڻ سان ڪيا) جيئن هنن 25 ترميم ڪري نائب صدر جي هٿان صدر ٽرمپ جي بيدخلي ڪري ڏيکاري، ان بائيڊن جي فيصلن ۾ اهو به آهي ته ٽرمپ جي نفرت انگيز سياست جو انت اچي، ٽرمپ جي ڇڏيل سياست ۾ بائيڊن جي لاءِ ”ڪووڊ“ جهڙي وبا به آهي جنهن ۾ لکين آمريڪي لڙهي ويا آهن، جنهن جي لاپرواهي ۾ آمريڪين جي جان وئي، معنيٰ اهڙو ترقي يافتا ملڪ به اهو ضد هڻي بيهي رهيو ته ڪووڊ ڪجهھ به ناهي ۽ چين آمريڪين تي حملو ڪيو آهي ۽ هي چين جي ڪمپنين تي پابندي هڻي ويهي رهيو، ايستائين جو انڊيا تي زور هڻي چين جا 48 سافٽويئر به بلاڪ ڪرائي ويٺو، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا کي اهو به وار سهڻو هو جو بدلي ۾ چين انهن جي واپارين جا بنئڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪري ويٺو هو، معنيٰ ٽرمپ ضد واري سياست جي ڪري آمريڪا کي وري وچٿري سياست مان ڪڍي هڪ ڀيرو وري جنگين جي دنيا ۾ گهلي آيو هو،  پوءِ اهو ملڪي سلسلا ڪيئن هلندا؟ ملڪن جا رشتا ناتا ڪيئن هلندا؟ يا دنيا ”ڊي گلوبلائيزيش“ ڏي ٿي وڌي، ڪير ڪنهن جي ملڪ ۾ رهي نه ٿو سگهي، ڪير به ڪنهن جي ملڪ ۾ ملڪيتون نه ٿو وٺي سگهي، پوءِ بائيڊن اهو سڀ ڪجهھ ڪيئن ڪندو؟ بائيڊن جي آفيس جو پهريون ڏينهن ئي وڏو چئلينجنگ هو جتي اهو درجن کن نوان قانون پاس ڪرايا، جنهن ۾ ٽرمپ جي ماڻهن جي خلاف ڪلين آپريشن ڪرائيندو، جيڪي سڄو ڏينهن هٿيار کڻي آمريڪي شهرن جي گهٽين ۾ گهمن ڦرن ٿا، جيڪي ان تاڙ ۾ رهن ٿا ته اهي ٽرمپ جي هجڻ جي ناتي بائيڊن جو اچڻ ۽ حڪومت هلائڻ ننه ڏيندا ڇو ته بائيڊن جي لاءِ اها ڳالھه به ڳوري آهي ته فرانس جي ڪوٺايل ماحولياتي آلودگي لاءِ هن مهل تائين گڏجاڻين ۾ ٽرمپ نهڪر ڪندو آيو هو ته آمريڪي سرڪار فرانس جي ان مهم جي لاءِ هڪ ٽڪو نه ڏيندي پوءِ اتي هي ڪيئن آماده ڪندو؟ ڪووڊ جي ڪري چار لک ماڻهن کان مٿي مري وڃڻ کان پوءِ ٽرمپ جي سرڪار ان کي ڊرامو قرار ڏنو هو ۽ ٺٺولون ڪري پنهنجي قوم کي ”ريسوچين“ کائڻ لاءِ چوندو هو، پر هي بائيڊن انهن ماڻهن کي ڪيئن آماده ڪندو وري جنهن ڪووڊ جي 10 ملين کان مٿي ماڻهن جون جابس به هليون ويون آهن انهن جي دردن جو درمان ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو