اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اداڪاره ڪبريٰ خان چيو آهي ته ميڪ اپ آرٽسٽ بابر ظهير جو شمار سندس بهترين دوستن ۾ ٿئي ٿو.هن چيو ته بابر نه صرف سٺو دوست پر شفيق ڀاءُ وانگر آهي هن سان وقت گذاريندي ائين محسوس ٿيندو آهي جيئن پنهنجي ڪنهن ڪٽنب جي ڀاتي سان گڏ وقت گذاري رهي آهيان. واضع رهي ته اداڪاره ڪبريٰ خان ”لنڊن نهين جائونگي“ فلم ۾ اداڪار همايون سعيد سان گڏ نظر ايندي.
