اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجلي واهپيدارن لاءِ خراب خبر اها آهي ته مسلسل ٽئين ڏينهن به بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نيپرا بجلي هڪ رپيو 95 رپيا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ بجلي جو ٽيرف 14.38 رپين مان وڌي 16.33 رپيا في يونٽ مقرر ڪيو ويو آهي. هن معاملي جو افسوسناڪ رخ اهو به آهي ته هي فيصلو 50 يونٽ استعمال ڪندڙ غريب واهپيدارن تي به برابري جي بنياد تي لاڳو ٿيندو. نيپرا جو چوڻ آهي ته اگهه ۾ واڌ جي منظوري وفاقي حڪومت جي درخواست تي ڪئي وئي آهي، ان فيصلي سان واهپيدارن تي 200 ارب رپين جو واڌو بار پوندو.
