اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا بجلي جي اگهه ۾ 83 پئسا في يونٽ وڌيڪ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيپرا پاران بجلي جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي، نيپرا بجلي جي اگهن ۾ 83 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني آهي، جڏهن ته واڌ واري لاڳت حڪومت پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کانپوءِ ڪئي ويندي. نيپرا پاران بجلي جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڇهه ماهي بنيادن تي ڪيو ويو ۽ بجلي جي اگهن ۾ اها واڌ 2019-20 لاءِ فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ڪئي وئي. نيپرا مطابق بجلي جي اگهن ۾ واڌ هڪ سال لاءِ ڪئي وئي آهي، جنهن سان واهپيدارن تي 84 ارب رپين جو اضافي بار پوندو.
