اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وفاقي حڪومت بجلي هڪ روپيو 95 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، بجلي جي اگهن ۾ واڌ لاءِ نيپرا سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي بجلي بابت خاص مددگار تابش گوهر ، وفاقي وزير عمر ايوب ۽ اسد عمر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومت رڳو 23 سيڪڙو بجلي مهانگي ڪئي آهي، ماضي جي حڪومتن عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪوبه ڪم نه ڪيو آهي، هاڻوڪي حڪومت بجلي جي مد ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سبسڊي ڏيندي. وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته اڳوڻي حڪومت بجلي جي شعبي ۾ تمام گهڻا مسئلا ڇڏي وئي، جن ۾ ڪيپسٽي پيمينٽ به اسان کي ورثي ۾ ملي آهي ۽ بجلي استعمال ڪريون يا نه ڪريون لازمي ادائگي ڪرڻي آهي، (ن) ليگ حڪومت بجلي جي اگهن ۾ واڌ کي ڄاڻي واڻي پوئتي ڪندي رهي. 2019ع تائين 227 ارب رپين جو اضافو ٿيڻو هو جيڪو نه ڪيو ويو . (ن) ليگ جي فيصلن کي آڏو رکي فيصلو ڪريون ها ته في يونٽ اگهه ۾ 8 کان 9 روپيا واڌ ٿئي ها. هن چيو ته اسان جي حڪومت ۾ اچڻ وقت بجلي جي اگهه ۾ 2.61 پئسا واڌ ڪرڻ جي گهر هئي پر تحريڪ انصاف حڪومت اهو فيصلو ڪيو ته اسان ايندي ئي عوام مٿان اهو بار نٿا وجهي سگهون ۽ ڪافي سوچي سمجهي مجبوريءَ ۾ بجلي جي اگهه ۾ في يونٽ 23 پئسا واڌ ڪئي ۽ اٽڪل 2.38 پئسا في يونٽ جي سبسڊي ڏني جنهن جي ڪل رقم 247 ارب روپيا آهي. هن وڌيڪ چيو ته (ن) ليگ حڪومت جي غلط معاهدن سبب هڪ سال ۾ ڪيپسٽي پيمينٽ جي ادائگيءَ جي رقم ۾ 218 ارب روپيا آهي، ان حساب سان هن وقت 2.19 پئسا بجلي جي اگهه ۾ واڌ ڪرڻ جي گهرج آهي پر اسان مجبوري ۾ رڳو 1.95 پئسا في يونٽ واڌ ڪري رهيا آهيون. نيپرا ۾ اهو اضافو کڻي وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان بجلي استعمال ڪريون يا نه ڪريون بجلي جي ڪارخانن کي ڪيپسٽي پيمينٽ ڏيڻي پوي ٿي. 2013ع ۾ اها رقم 185 ارب روپيا، 2018ع ۾ 468 ارب روپيا، 2019ع ۾ وڌي 642 ارب روپيا ۽ 2020ع ۾ 860 ارب روپين تائين پهچي وئي. 2023ع تائين ڪيپسٽي پيمينٽ جي رقم وڌي 1455 ارب روپين تائين پهچي ويندي. (ن) ليگ بدنيتيءَ سان ڄاڻي واڻي اهي معاهدا ڪيا ۽ غلط فيول مڪس تي ڪارخانا لڳايا، هي اهي ڪارخانا آهن جن مان 45 سيڪڙو بجلي امپورٽڊ ٻارڻ مان ٺهي ٿي ۽ ساڍا 6 ارب ڊالر اسان جا ٻاهر وڃن ٿا، 2013ع کان 2023ع تائين ڪيپسٽي پيمينٽ ۾ واڌ 686 سيڪڙو آهي، اهو بدعنواني ۽ بدنيتيءَ تي ٻَڌل معاهدو هو جيڪو ورثي ۾ مليو، موجوده حڪومت مشڪل ترين حالتن باوجود بجلي جي شعبي ۾ 473 ارب روپيا سبسڊي ڏني آهي. ان موقعي تي تابش گوهر چيو ته حڪومت ڦيري وارن قرضن ۾ گهٽتائي ڪرڻ ۽ بجلي جي اگهه ۾ واڌ روڪڻ جي لاءِ اهماپاءِ ورتا آهن، آگسٽ ۾ 8000 ميگاواٽ بابت آءِ پي پيز سان مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون، چند ڏينهن ۾ معاملا اُڪلائجي ويندا جنهن تحت ايندڙ 20 سالن ۾ 836 ارب روپين جو بجلي جي شعبي تان بار گهٽجندو. انهن جون 450 ارب روپين رهتون به هلندڙ سال ئي ادا ڪيون وينديون، ان سان بجلي جي اگهن ۾ وياج جو بار پڻ گهٽ ٿي ويندو. حڪومت سرڪاري پاور پلانٽس مان 30 کان 70 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي آهي، ان جا چڱا اثر ايندڙ سالن ۾ سامهون ايندا ۽ اٽڪل 6 هزار روپين جو بار گهٽ ٿيندو. ايندڙ سالن ۾ بجلي جي اگهن ۾ هڪ کان 2 روپيا گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته 10 هزار ميگاواٽ جا منصوبا پائيپ لائن ۾ آهن، اسان آءِ پي پيز سان به ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن بجلي جي طلب ۽ پيداوار ۾ هم آهنگي آڻي سگهجي ۽ ٽيڪ اوور پي جو بار گهٽ ٿي سگهي.
