ڪراچي ۾ اڄ گرمي اثر ڏيکاريو، پارو 30 ڊگري رڪارڊ، اڳتي ڇا ٿيندو؟
ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گرمي جو زور وڌي ويو آهي. اربع ڏينهن گهٽ ۾ گهٽ پارو 15 ۽ وڌ ۾ وڌ 30.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، شهر ۾ موسم صاف رهي. سڄو ڏينهن سج جي تپش جي ڪري گرمي هئي.ارلي وارننگ سينٽر جي اڳڪٿي موجب ايندڙ 3 ڏينهن دوران گرمي پد وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي، جنهن دوران گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 17 ڊگري سينٽي گريڊ کان به وڌي سگهي ٿو. صبح ۽ شام جي وقت هوا ۾ گهم بالترتيب 45 کان 55 ۽ 85 کان 95 سيڪڙو وڌڻ سبب گرمي پد اصل پاري کان وڌيڪ محسوس ڪري سگهجي ٿو. موسميات کاتي موجب ملڪ ۾ اولهه هوائن جو نئون سلسلو داخل ٿيڻ سبب 12 فيبروري کانپوءِ شهر جي گرمي پد ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ان دوران برسات ۽ غيرمعمولي ٿڌ جو ڪو به امڪان ناهي. |
هن چيو ته اينٽي