149

بخت عابد قومي شعور رکندڙ سريلو شاعر..

ليکڪ: جي ايم گاڏهي

خيرپور کارڪن جو شهر سڏبو آهي، کارڪون اهڙيون ته مٺيون جهڙي ماکي، ڳالهه کارڪن تي نه ٿي کٽي گلابن ۽ خوبصورت باغن جو شهر، جتاب جي باغن ۾ ڪوئل جو مٺڙو آواز ۽ ڳيري جي ڳجهارت ۾ ڏنل سندر آواز ۽ ٻين پکين جي لات شهر جي چئوطرف گلاب جي گلن جي خوشبو ۽ زمين کي سائو سبز بڻائيندڙ سنڌوءَ جو پاڻي وڏا وڏا خوبصورت ٻيلا، سو خيرپور ته پنهنجو وڏو پس منظر ۽ تاريخ رکي ٿو، خيرپور شهر ته وڏين وڏين شخصيتن کي جنم ڏيندڙ شهر آهي، اڄوڪي تاريخ تي 1960ع ۾ خيرپور شهر جي جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ الهه بخش ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو، جنهن جو نالو سندس پيءُ رکيو بخت حسين هو، جڏهن ڦوهه جواني کي رسيو ته قلم ۽ ڪتاب سان محبت ڪئي، ان ئي قلم ۽ ڪتاب هن کي وري قوم، ڌرتي، ٻولي ۽ وطن سان عشق ڪرڻ سيکاريو، اها اندر ۾ اوتيل محبت هن طرح ظاهر ڪري ٿو

سنڌ سان جند آهي، ازل کان ڪپيو توڙي ڪنڌ

جڏهن من اندر محبت جي ستي اوتي هن پنڌ ڪيا، هن جي اندر ۾ لطيف سان عشق جي لوڙ ئي لطيف جي ٻويل سان عشق ڪيو، لطيف جي عشق هن کي ويهڻ نه ڏنو، عشق ۾ هو ڊوڙيو، هن هڪڙو ڪتاب لکي پورو ڪيو، جنهن کي نالو ڏنائين ”پيار جي خوشبو ۽ اڃا به اڳتي وڌو ويٺو مور نه“ ٻيو ڪتاب لکيائين جنهن جو نالو به ڇا ته ڪمال آهي ”پچان ۽ پڄران“ هاڻي پچان ۽ پڄرا لفظ ڏسو ته ڪٿان ٿو کڻي، سنڌ جي عاشق لطيف سرڪار جو هڪ بيت آهي؛

کاما پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان

تن ۾ توئنس پرين جي، پيان نه ڍاپان

جي سمنڊ منهن ڪريان ته سرڪيائي نه ٿئي

سنڌ جي نامور شاعر قاضي مقصود گل سان وڃي رتيديري ۾ نينهن جوڙيائين، رتيديري جي پيچرن سان پختا ناتا جوڙي قاضي مقصود گل کان استادي ورتائين ادبي نالو رکرايائين بخت عابد، پوءِ پاڻ پنهنجي سڄي ڄمار ڄن ته ادب لاءِ ارپي ڇڏي، هو اڄ به پنهنجي عشق سان نڀائيندو اچي شل نه ڪٿي ادبي ميڙاڪي جو ٻڌي آنڌي هجي يا مينهن اتي بخت عابد جو پهچڻ لازم بڻجو وڃي، هو اڄ به پنهنجي وڏي ادبي لڏي جي ميڙ سان گڏ آهي جن ۾ منير سولنگي، مهيسر خادم رفيقي، مسڪين راشدي، استاد زاهد ٻپڙ، اصغر مهيسر ۽ بيا، بخت عابد اڄ به مهراڻ ادبي ست سنڌ جو نائب صدر طور ڪم ڪري رهيو آهي، هو پنهنجي ٻولي کي جاڳر ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي نيٽ ذريعي پيغام ڏيندو آهي ته موابئل تي پنهنجا پيغام لکڻ مهل پنهنجي مادري ٻولي سنڌي ۾ لکو نه ڪي انگريزي يا اردو ۾، هوجيئن ته ٻاهر کاهوڙي ڪردار وارو آهي، ائين ئي وري اندر ۾ به اڇو اجرو، جنهن سان رکي تنهن سان توڙ نڀائڻ وارو، مطلب تن اندر ۽ ٻار ٻنهي هم هڪجهڙائي، قربائتو، کلڻو ملڻو، جڏهن پهريون ڀيرو مليو ائين لڳو ڄڻ ته جڳن کان هڪ ٻئي جا سڃاڻون هجون، بخت سنڌ سان هن طرح عشق جو پيچ پائي ٿو، جنهن جو اظهار پنهنجي هڪ غزل ۾ ڪري ٿو؛

عشق کي سوداگري گهرجي نه ٿي

سنڌ سوا ٻي عاشقي گهرجي نه ٿي

پيار تنهنجو آ عبادت سنڌ امان

تو سوا ٻي بندگي گهرجي نه ٿي

هي عشق ظاهر ڪري ٿو ته بخت عابد سنڌ جي عشق ۾ پانڌيئڙو بڻجي ڳولا ۾ نڪتل شاعر آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو