ميرپورخاص(سٽي رپورٽر) ضلعي بدين جي ڳوٺ ناگو شاهه واسڻ ناري زويا وگھامل ٽنڊو محمد خان واسي نوجوان عرفان خاصخيلي سان ميرپورخاص جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد پريس ڪلب ۾ تحفظ جي اپيل ڪئي آهي. ناري زويا صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته عرفان سان محبت ڪندي آھيان پر منھنجا مائٽ منھنجي شادي مرضي خلاف ٻئي ھنڌ شادي ڪرائڻ ٿي چاهي، جنھنڪري اسان ٻنهي گھران نڪري شريعت موجب شادي ڪئي آهي، اھڙي عمل تي مائٽ مڇرجي پيا آهن، والد محمد لائق، ڀائر حسين ،صلاح الدين، ماما شاھنواز ۽ علي نواز اسان ٻنهي کي ڪارنھن الزام هيٺ قتل ڪرڻ چاھين ٿا، اسان جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، خوف سبب گھر ڇڏي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون، مائٽن پاران اغوا،قتل مڙس ۽ سندس مائٽن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. نوجوان عرفان چيو ته شادي ڪئي آهي ڪو ڏوهه نه ڪيو آهي، ساھرن جي خوف سبب جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي. پريمي جوڙي چيف جسٽس آف سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي زندگين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن خوشيءَ سان زندگي گذاري سگھون.
