272

برازيل جي ڄاڻ تي نارروال مان چائلڊ پورنو گرافي ۾ ملوث نوجوان گرفتار، 600 کان وڌيڪ ٻارڙن جون فحش وڊيوز هٿ

نارروال (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم ونگ نارروال ۾ ڪارروائي ڪندي چائلڊ پورنوگرافي ۾ ملوث رياض نالي نوجوان کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي عملدارن مطابق برازيل جي حڪومت جوابدار بابت پاڪستان کي ڄاڻ ڏني هئي، انٽرپول ذريعي ملندڙ ڄاڻ تي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي مطابق گرفتار ٿيل جوابدار وٽان 600 کان وڌيڪ ٻارڙن جون فحش وڊيوز هٿ آيون آهن، جوابدار جو ليپ ٽاپ ۽ ٻيون ڊوائسز تحويل ۾ وٺي انهن کي پنجاب فرانزڪ ليبارٽري اماڻي ڇڏيو آهي ته جيئن ان جي جاچ پڙتال ڪري وڌيڪ ڄاڻ ۽ ثبوت هٿ ڪري سگهجن. ايف آءِ اي مطابق گرفتار جوابدار چائلڊ پورنوگرافي جي عالمي گروهه سان رابطي ۾ هو، سندس خلاف ڪيس داخل ڪري عدالت کان 4 ڏينهن جو رمانڊ پڻ وٺي ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو