216

برانڊ ايم ٽي جي شروع ڪرڻ جو مقصد مدرسن کي هلائڻ آهي: مولانا طارق جميل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مذهبي اسڪالر مولانا طارق جميل پنهنجي ڪپڙن جو برانڊ ايم ٽي جي شروع ڪرڻ جي مقصد بابت ڳالهيون ڪندي چيو ته انهن پئسن مان هو مدرسا هلائيندو . هن پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته هو 2000 ع کان اهو سوچي رهيو هو ته ڪو اهڙو ذريعو هجي ته مدرسن کي زڪوات کانسوءِ هلايو وڃي ته پوءِ لاڪ ڊائون دوران هن پنهجي ڪجهه دوستن جي مدد سان پنهنجي نالي سان ڪپڙن جو برانڊ ايم ٽي جي متعارف ڪرائڻ جو منصوبو  ٺاهيو . هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن به مذهبي اسڪالر جي ڪاروبار شروع ڪرڻ کي خراب سمجهو ويندو آهي پر ائين نه ٿيڻ گهرجي، هو چاهي ٿو ته هن  دنيا کان وڃڻ کان پوءِ به سندس مدرسا هلندا رهن ۽ اهو سلسلو بند نه ٿئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو