208

براڊ شيٽ معاملو: جسٽس (ر) عظمت سعيد تي ٻڌل جاچ ڪميشن جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) براڊ شيٽ معاملي جي جاچ لاءِ جسٽس (ر) عظمت سعيد تي ٻڌل هڪ رڪني ڪميشن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي ڪابينا ڊويزن پاران نوٽيفڪيشن سان گڏ ٽي او آرز به جاري ڪيا ويا آهن. نوٽيفڪيشن مطابق ڪميشن انڪوائري ايڪٽ 2017 تحت جوڙي وئي آهي، جيڪا 6 هفتن اندر جاچ مڪمل ڪندي، جڏهن ته ڪميشن کي جاچ لاءِ آفيسرن ۽ ماهرن تي ٻڌل ڪميٽيون ٺاهڻ جو اختيار هوندو. نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪميشن براڊ شيٽ ۽ آءِ اي آر جي چونڊ، مقرري ۽ ٺاهن جي ڇنڊڇاڻ ڪندي، جڏهن ته ڪميشن براڊشيٽ ۽ انٽرنيشنل ايسٽ رڪوري فرمز سان معاهدن جي رد ٿيڻ جا ڪارڻ پڻ ڄاڻيندي، ان کانسواءِ ڪميشن 2008ع ۾ براڊشيٽ کي پاڪستان جي ادائيگين جا سبب ۽ اثرن جي به نشاندهي ڪندي. ڪميشن جي قيام جي نوٽيفڪيشن جي ڪاپي اٽارني جنرل، سيڪريٽري ٽو صدر، سيڪريٽري ٽو پرائم منسٽر ۽ قانون واري سيڪريٽري کي به اماڻي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو