228

برطانوي پاپ پروڊيوسر صوفي روڊ حادثي ۾ فوت

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي اليڪٽرانڪ پاپ پروڊيوسر صوفي هڪ خوفناڪ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي. برطانيا جي ميوزڪ ليبل ٽرانسگريسو پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان جو خوبصورت 34 ورهين جو صوفي هڪ خوفناڪ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي. ٽرانسگريسو پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته صوفي جي گهر وارن هن مشڪل وقت ۾ ان جي مدد ۽ پيار ڪندڙن جا ٿورا مڃيندي سندس پرائيويسي جو خيال رکڻ جي اپيل ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو