اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته برطانيا ۾پاڪستاني مسافرن سان ناروا سلوڪ ڪيو ويو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي هن چيو ته 10 ڏينهن لازمي قرنطينه لاءِ هر هڪ پاڪستاني 1750 پائونڊ ادا ڪيا هئا، انهن سان غيرانساني سلوڪ ڪيو ويو،ڇو ته اهي پاڪستاني آهن؟ هن چيو ته اهڙو سلوڪ پاڪستان کي ريڊ لسٽ ملڪن جي لسٽ ۾شامل ڪرڻ جي عڪاسي آهي.
