لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ گندي پاڻي جي پلانٽ ۾ ڌماڪي سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. برطانيا جي ڏکڻ اولهه شهري برسٽل جي پوليس ترجمان ٻڌايو ته ڌماڪو برسٽل ويجهو ايونماوت جي صنعتي علائقي ۾ ٿيو آهي جنهن ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿيو آهي. هن ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۾ ڪنهن به قسم جي دهشتگردي جا آثار نظر ناهن آيا، ان حادثي جي جاچ شروعاتي مرحلي ۾ آهي.
