18

بلدياتي چونڊن لاءِ آرڊر جاري ڪري رهيا آهيون: چيف اليڪشن ڪمشنر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر راجا سلطان چيو آهي ته بلدياتي چونڊن لاءِ آرڊر جاري ڪري رهيا آهيون، چونڊن ۾ وڌيڪ دير نه ٿي ڪري سگهجي، آرڊر جاري ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، هن چيو ته ڪينٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن کانپوءِ بلدياتي چونڊون ڪرائڻيون آهن، وڌيڪ دير نه ٿي ڪري سگهجي، اليڪشن ڪميشن ۾ بلوچستان ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بلوچستان احمد رضا ۽ ايڊووڪيٽ جنرل بلوچستان پيش ٿيا، ان موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته صوبائي حڪومتون بلدياتي چونڊن جي لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪن، اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري پوري ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو