115

بلوچستان ۾ دهشتگردي جي ڪاروائين ۾ ملوث داعش جو اهم اڳواڻ طالبان سان جهڙپ ۾ مارجي ويو

ڪابل(ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ دهشتگردي جي ڪاروائين ۾ ملوث داعش جو اهم اڳواڻ طالبان سان جهڙپ ۾ مارجي ويو آهي، ميڊيا موجب افغانستان جي صوبي نمروز جي ضلعي زرنج ۾ طالبان ۽ داعش اڳواڻ  فاروق بنگلزئي ۾ جهڙپ ٿي پئي،ڪاروائي دوران داعش جو اهم اڳواڻ فاروق بنگلزئي مارجي ويو، هو ننگر هار افغانستان مان نيٽ ورڪ جي سهولت ڏيندو هو،فاروق بنگلزئي بلوچستان ۾ هزاره، عيسائي برادري ۽ پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻايو هو، بم ڌماڪن ۾ پڻ ملوث هو،مارجي ويل داعش جي اڳواڻ پاڻ به ڪيترن ئي بم ڌماڪن ۽ ماڻهن کي مارڻ جو پڻ اعتراف ڪيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو