22

بلوچستان ۾ پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي فائرنگ ، 4 اهلڪار شهيد

بلوچستان (ويب ڊيسڪ) زوب ۾ سرحد تي دهشتگرد حملي ۾ ايف سي جا 4 جوان شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر مطابق بلوچستان ۾ پاڪ افغان سرحد تي افغانستان کان دهشتگردن ڪنڊيدار تارون لڳائيندڙ ايف سي جي ٽيم مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ايف سي جا 4 جوان شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا، دهشتگردن جي فائرنگ سبب حوالدار نورزمان، سپاهي شڪيل عباسي، سپاهي احسان الله ۽  نائيڪ سلطان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته فائرنگ سبب 6 جوان به زخمي ٿي پيا جن کي سي ايم  ايڇ ڪوئٽه منتقل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو