197

بلڙي شاهه ڪريم ڀرسان مڇيءَ جي تلاءَ ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 ڀائر فوت

بلڙي شاھ ڪريم(ن سوڀ) ٽنڊو محمد خان ڀرسان ملاڪاتيار ويجهو رات دير سان مڇي جي تلاءُ ۾ 2 ڄڻا بجلي جي ڪرنٽ سبب فوت ٿي ويا آهن ، بلڙي شاھ ڪريم جي ملاڪاتيار ويجهو مڇي جي تلاءُ ۾ 2  مڇي ماريندڙ ڪرنٽ سبب پاڻي ۾ ئي فوت ٿي ويا، واپڊا کي اطلاع ڪرڻ باوجود بجلي جي سپلاءِ بند ٿي نه سگهي،  ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، رات دير سان پوليس لاشن کي ڪڍائي بلڙي اسپتال آندو آهي، جتي لاشن جي سڃاڻپ ڳوٺ پاڌو ملاح جي رھواسين رسولو ملاح ۽ ميرحسن ملاح طور ڪئي وئي آهي،  جڏهن ته علائقي ۾ چوٻول آهن ته علائقي جي زميندار شهريار شاھ جي مڇي جي تلاءُ ۾ 2 ڄڻا مڇي چوري لاءِ آيا هئا جيڪي ڪرنٽ لڳڻ سبب تلاءُ ۾ ئي فوت ٿي ويا، فوت ٿيندڙ ٻئي ڀائر ٻڌايا پيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو