218

بهاولپور ۾ شادي دوران تيز رفتار ڪار ڀِت سان ٽڪرائجي وئي، هڪ ئي ڪٽنب جا 4 ڀاتي فوت

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) بهاولپور ۾ نوجوان جي تيز رفتاري ڄاڃين جي خوشين کي ماتم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، خطرناڪ حادثي سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 4 ڀاتي فوت ٿي ويا آهن. رپورٽن مطابق شادي جي سلسلي ۾ ڄاڃين سان شامل نوجوان جي ڪار تيز رفتاري سبب ڀِت سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 4 ڀاتي فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ شاديءَ جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون ۽ هر اک آلي ٿي وئي ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول پکڙجي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو