بهاولپور (ويب ڊيسڪ) بهاولپور ۾ 6 هٿياربندن گهرڀاتين سامهون ناري سان مبينا اجتماعي لڄالٽ ڪئي آهي، جڏهن ته اهڙي واقعي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي. بهاولپور جي علائقي حاصل پور ۾ 6 هٿياربندن رات دير سان هڪ گهر ۾ گهڙي هڪ ناري کي گهرڀاتين سامهون مبينا طور اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو آهي، جڏهن ته مزاحمت تي ناري جي ڀاءُ جي جسم جو هڪ حصو به ڪٽي ڇڏيو آهي. ناري جي ڀاءَ جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدارن گهرڀاتين سامهون ڀيڻ سان زيادتي ڪئي ۽ ان سندس جسم جو هڪ حصو به ڪٽي ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي 6 ڄڻن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، شروعاتي جاچ مطابق جوابدارن ۽ متاثر ڪٽنب ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، خدشو آهي ته جوابدارن بدلي جي باهه ۾ اهڙو ڪريل قدم کنيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.
