ليکڪ: سيد محبوب شاهه
ڪنهن به قوم جي ڪاميابي لاءِ تعليم کي لازمي سمجهيو وڃي ٿو، دنيا جي وجود ۾ اچڻ کان اڄ تائين جن به قومن ترقي ڪئي آهي انهن جي ترقي مان تعيلم جو ڪردار ختم ڪجي ته انهن جي ترقي جي ڪا حيثيت باقي نه بچندي. سڌريل سماج پنهنجي ملڪن جي تعليم بابت ڳوڙهو اڀياس ڪري آئيندي جا منصوبا ٺاهيندا آهن ۽ بعد ۾ انهن جا نسل منصوبن تي هلندي ڪاميابي جا ڏاڪا طئي ڪندا آهن. اسان وٽ تعليم جي تباهي بابت هرڪو فڪرمند نظر ٿو اچي پر ڪوبه ان جي سبب کي نه ته تلاش ڪندو آهي ۽ نه ئي انهن سبب جي حل بابت ڪڏهن سنجيدهه ٿئي ٿو. تعليم جو ڦيٿو هلائڻ لاءِ خاص طور تي استاد کي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي آهي پر انهن استادن بابت اسان جي سماج هڪ عجيب قسم جي راءِ جوڙي استادن خلاف هڪ من گهڙت ماحول جوڙيو آهي جنهن ۾ ڪجهه نام نهاد استاد پڻ اڳي کان اڳرا نظر اچن ٿا ۽ افسوس آهي جو استادن جي بقاءَ ۽ بهبود لاءِ قائم ڪيل تنظيمون پڻ ڪڏهن ڪڏهن استادن خلاف ئي ڪم ڪندي نظر اينديون آهن. خاص طور تي تعليم جي گاڏي هلائڻ لاءِ بلڪل بنيادي حيثيت رکندڙ پرائمري استادن بابت اسان وٽ انتهائي خراب ماحول جُڙيل آهي جنهن جي ڪري پرائمري استادن جي مسئلن ۽ انهن جي حل بابت ڪڏهن ڪو ڌيان ئي نٿو ڏئي. پرائمري استاد تعليمي سرشتي ۾ پيڙهه جي حيثيت رکي ٿو جنهن جي محنت ۽ مخلصي سبب اسان جا نسل ترقي ڪن ٿا پر هڪ سازش تحت قوم جي ان اڏيندڙ تي تنقيد ڪري کيس معاشري جو ناڪارا انسان ثابت ڪيو پيو وڃي. ان سوچ جي ڪري ئي اڄ پرائمري استاد بيشمار مسئلن جو شڪار آهي ۽ سندس محڪمي ۾ ڪا حيثيت ناهي. هن وقت به پرائمري استاد صرف نائين اسڪيل ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڪيترن ئي معاشي مسئلن جو شڪار آهي، استادن جي مسئلن لاءِ جيڪي پاليسيون ٺهن ٿيون اهي لاڳو ئي نٿيون ڪيون وڃن هن وقت به استادن جي فلاح لاءِ جيڪي پاليسيون ٺاهيون ويون آهن انهن کي لاڳو ڪرائڻ لاءِ استادن انتهائي پريشاني جو شڪار آهن. 2014ع ۾ جاري ڪيل پاليسي موجب پرائمري استادن کي هاءِ اسڪول ۾ پروموشن ڏيڻا آهن پر ڪيترائي سال گذرڻ باوجود پرائمري استادن کي سندن حق ناهي ڏنو ويو. ان پاليسي کي هن وقت هڪ ڀيرو ٻيهر ترتيب ڏنو ويو آهي جنهن تحت دستياب جي اي ايس ٽي سيٽن منجهان 50 سيڪڙو سيٽون پرائمري استادن کي اڳتي پروموٽ ڪري ڀريون وينديون. انهي پروموشن لاءِ به ڪافي شرط رکيا ويا آهن جن مان اعليٰ تعليم ۽ ڪارڪردگي مکيه آهن، اعليٰ تعليم يافته تجربيڪار استاد اڳتي پروموٽ ٿيندا ته قوم سندسن صلاحيتن مان لاڀ حاصل ڪري سگهندي پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته حڪومت جي اها بهترين پاليسي استاد تنظيمن جي عدم دلچسپي جي ڪري استادن کي ڪو لاڀ ڏئي نه سگهي هن وقت ڪجهه نوجوان استادن ان پاليسي کي لاڳو ڪرائڻ لاءِ جدوجهد جي شروعات ڪئي آهي پر ان تحريڪ ۾ مختلف قسم جا مسئلا پيدا ڪيا پيا وڃن سڀ کان وڏو مسئلو اهڙن سينيئر استادن جو آهي جيڪي اڳواٽ ٽائيم اسڪيل تحت سورهون اسڪيل وٺي چڪا آهن ۽ کين هاڻي نوجوان استادن جي پروموشن سان ڪابه دلچسپي ناهي رهي، جيڪر نوجوان استاد اعلي تعليم جي بنياد تي جي ايس ٽي طور پروموشن وٺن ٿا ته کين 14هون اسڪيل ملندو پر جيڪي اڳواٽ 16هين اسڪيل ۾ موجود آهن اهي پروموٽ ٿي 16هين مان 14هين اسڪيل ۾ اچڻ لاءِ تيار ناهن ۽ کين لڳي ٿو ته پروموشن پاليسي ۾ سندن ڪوبه فائدو ناهي ان ڪري اهي ان پاليسي جي مخالفت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سڀني تعليم دوست ڌرين وانگر انهن کي به سوچڻ گهرجي ته جيڪر پڙهيل لکيل ۽ تربيت يافتا نوجوان اڳتي پروموٽ ٿيندا ته تعليم کي تمام گهڻو فائدو رسندو جڏهن ته نوڪري ۾ ترقي سڀني جو بنيادي ۽ قانوني حق پڻ آهي. نوجوان استاد وڏي جدوجهد سان ڊائريڪٽرس کان سينارٽي لسٽون ٺهرائڻ لاءِ ليٽر جاري ڪرائي چڪا آهن پر سينئر استادن جي هڪ هٽي سبب پروموشن مامرو مونجهاري جو شڪار ٿي چڪو آهي. ٻئي پاسي استاد تنظيمن جي اڳواڻن نوجوان استادن کان صلاح مشاورت ڪرڻ کان سواءِ حڪومت کان پرائمري اسڪول ٽيچر جي اپگريشن جو مطالبو ڪيو آهي جنهن تحت سمورا پرائمري استاد نائين اسڪيل مان چوڏهين اسڪيل ۾ اپگريڊ ڪيا ويندا. اها ڳالهه خوش آئيند آهي پر ان پاليسي ۾ به نوجوان استادن کي نشانو بڻايو ويو آهي، پاليسي موجب استادن کي 14هين اسڪيل ۾ اپگريِڊ ڪيو ويندو کين اڳتي گريڊ ته ڏنا ويندا پر کين هميشه پرائمري استاد طور نوڪري ڪرڻي پوندي، نوجوان استاد پنهنجي محنت ۽ ڪارڪردگي سان اعلي عهدن کان ويندي گزيٽيڊ عهدن تائين پهچڻ جي جستجو ڪن ٿا جنهن سان تعليم جي ترقي جو ڪاروهنوار اڳتي هلندو رهي ٿو، جڏهن ته نوجوان استادن لاءِ اها پاليسي خودڪشي مثل آهي. اهڙا نوجوان استاد جيڪي اعلي تعليم ۽ تربيت يافتا آهن انهن کي اڳتي ترقين کان روڪڻ غير آئيني عمل آهي. سنڌ جي تعليم دوست ڌرين، استاد تنظيمن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ پاليسي سازن کي نوجوان استادن ۽ تعليم جي ڀلائي خاطر ضرور ڪو اپاءُ وٺڻ گهرجي.