22

بيباڪ صحافي، قابل ڏاهري جو وڇوڙو

ليکڪ: اسد ڏاهري

سنڌ هڪ اهڙي بابرڪت ڌرتي آهي، جنهن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهڙا علمي،ادبي ۽ صحافتي جوڌا جوان پيدا ٿيا آهن جن هميشه ڌرتي ۽ ڌرتي واسين لاءِ پاڻ پتوڙي خدمت ڪئي آهي، اهڙن ئي مڻيادار انسانن مان سنڌ جو نوجوان اديب، ممتاز صحافي محمد قابل ڏاهري به هڪ هو.جنهن جي اڄ پهرين آگسٽ2021ع تي 30 ورسي ملهائي رهيا آهيون، قابل ڏاهري مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن کان ٿيندو صحافت جي دنيا ۾ پير پاتو ۽ حيدرآباد شهر ۾ رهي پنهنجي صحافت جا بهترين ڏينهن گذاريا، هو هڪ اصول پرست صحافي هو جنهن پوري حياتي سچي صحافت لاءِ وقف ڪري ڇڏي، هن کي مظلوم سان بي حد محبت هوندي هئي ڇاڪاڻ ته هو غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو،ظالمن جي ظلم تحت جيل پڻ ڀوڳي چڪو هو، هن کي اديبن ۽ صحافين لاءِ وڏي عزت هوندي هئي اڪثر چوندو هو ته صحافي بنا ڪنهن لالچ، لوڀ ۽ ذات پات جي صحافت ڪري حقدارن کي حق ڏياري ۽ اديب بهترين ادب کي تخليق ڪري پنهنجي نسل جي بهترين تاريخ جوڙي ٿو، هونئن به اسان صحافين ۽ اديبن جو ڪوبه سرمايو نه هوندو آهي صرف صحافي دوست ۽ ادبي رڪارڊ آهي، قابل ڏاهري لاءِ سنڌ جا صحافي اها راءِ ٿا رکن ته هو هڪ سڄاڻ صحافي هو، جهڙو هوس نالو قابل تهڙو ئي هو قابليت وارو انسان، نيڪ نيتي ۽ بردباري سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هئي، سنڌ اندر آفيسر شاهي ۽ وڏيرا شاهي تحت مظلوم ماڻهن سان جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ ٿيندو هو هي مرد مجاهد انهن جي آڏو سينو سهائي مقابلو ڪندو هو، تر جي ڪيترن ئي غريب هارين کي حق ڏياريو ۽ ناحق باندين کي زنجيرن جي هٿ ڪڙي کان نجات ڏياري، شاباس انهي پر عزم انسان کي جنهن غريبن ۽ غربت خاطر سڀ مصيبتون صبر ۽ شڪر سان برداشت ڪيون پر ڪڏهن به پنهنجي بي باڪي، عزم ۽ حوصلي ۾ فرق نه آندو، اڪثر چوندو هو ته وڏيرو ڪڏهن به غريب سان سچو نه ٿيندو. قابل ڏاهري دل جو صاف، دوستن جو همدرد، يارن جو يار ۽ مائٽن جو وفادار هو. سندس سادڙي شخصيت ڏاڍي پياري ۽ وڻندڙ هوندي هئي، جيڪا هميشه ياد رهندي.هن جي هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن سان دوستي هوندي هئي، سندس مهمان نوازي ته نرالي قسم جي هوندي هئي هو تمام گهڻي قرب ۽ پاٻوهه سان آيل جي آجيان ڪندو هو.وٽس هر وقت ڪو نه ڪو مهمان ضرور هوندو هو، قابل ڏاهري تمام وڏي خوداعتمادي سان ڳالهه ڪندو هو ۽ جيڪو به اظهار ادب، صحافت ۽ سياست جي حوالي سان ڪندو هو ان تان هٽڻ يا ان ۾ ترميم ڪرڻ جي گنجائش جو قائل نه هوندو هو، هن ننڍي عمر ۾ پاڻ کي بهترين مقرر،ليکڪ ۽ صحافي مڃرايو.جنهن لاءِ سنڌ جي مدبر ۽ اسڪالر علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيو ته هن ڇوڪر ۾ وڏي مڻيا ڏسان ٿو، هن ٿوري وقت ۾ اهو مقام حاصل ڪيو جيڪو ماڻهن کي سڄي زندگي محنت ڪرڻ کانپوءِ به نه ٿو ملي، هن پنهنجي ادبي، صحافتي ۽ اصلاحي خدمتن کي جاري رکندي ڪيترن ئي دوستن کي سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪرائي، هن وقت اهي سنڌ جا وڏا اسڪالر آهن، قابل ڏاهري انتهائي ذهين ۽ وڏي مطالعي وارو شخص هو،کيس ڪتابن پڙهڻ ۽ وٺڻ جو وڏو شوق هوندو هو. پريس جي ڊيوٽي کانپوءِ حيدرآباد جي مختلف اديبن، محققن، دانشورن، ايڊيٽرن ۽ صحافين سان ڪچهري ڪندو هو، سندس رهائش کان پريس تائين مختلف بوڪ اسٽالن کان ويندي علمي ادبي ادارن جي معروف سربراهن سان سندس بحث مباحثا ٿيندا هئا، ان کانسواءِ علم نجوم ۽ علم فلڪيات جي ماهرن سان سندس خاص ڪچهريون هونديون هيون ، حيدرآباد پريس ڪلب جي صحافتي سرگرمين ۾ اڳ ڀرو رهيو سال 92_1991ع واري گورننگ باڊي جو سرگرم ميمبر رهيو جنهن جي نگراني ۾ نئين تعمير ٿيل بلڊنگ جڙي راس ٿي، هن صحافت جي دنيا ۾ انهن ساٿين جو ساٿ ڏنو جيڪي آزاد صحافت ۾ يقين رکندا هئا ۽ جيڪي غريب ۽ مظلوم جي حقيقي ترجماني ڪندا هئا، هن حر تحريڪ ۽ سورهيه بادشاهه بابت گهڻو مواد گڏ ڪيو ۽ نئين تحقيق ڪري حر تحريڪ ۽ سورهيه بادشاهه بابت لکيو، هن جي گفتگو ۾ هڪ فڪر هوندو هو، حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪندو هو جيڪا اڪثر سندس دوستن کي پسند هوندي هئي، هو هڪ بي ڊپو صحافي هو جيڪو هر ڪنهن کي منهن تي چئي ڇڏيندو هو، مظلوميت جو درد رکندڙ هڪ عظيم خدا ترس انسان هو، قابل ڏاهري چاپلوسي ۽ خوشامد کان پري ڀڄي ويندڙ هو، اڪثر چوندو هو ته ڪردار هر ڪنهن جي سڃاڻپ آهي ماڻهو ته هن جهان مان مري ويندو پر سندس ڪارنامه نه مرندا آهن چڱي ڳالهه ۽ تحرير ڪڏهن ناهي مرڻي، هو اڻ مئي محبت پيدا ڪري ويو آهي، قابل ڏاهري مسڪيني حال هوندي به پروقار ۽ مانائتي زندگي گذاري، هن کي پنهنجي روحاني مرشد پير سائين پاڳاري جن سان بي حد عقيدت ۽ محبت هوندي هئي، روحاني محبت جي ڪري کيس حر تحريڪ ۽”سورهيه بادشاهه“ بابت مواد گڏ ڪرڻ هو وڏو شوق هوندو هو، سنڌ اندر سڀ کا پهريا ئين سورهيه بادشاهه جون ورسيون ملهائڻ جو پڻ هن مرد مجاهد کي اعزاز حاصل هو، هو حرجماعت جو هڪ سچو ۽ کرو فرد هو، قابل ڏاهري مختلف سنڌي، اردو اخبارن ۾ نمائندگي کان پوءِ روزانه مهراڻ حيدرآباد ۾ ان وقت جي ايڊيٽر سيدسردار علي شاهه ذاڪر جي شاگردي قبول ڪندي بحيثيت سب ايڊيٽر طور تي ڊيسڪ تان صحافت جي شروعات ڪئي ۽ شاگردن جو صفحو، نئين ٽهي، مهراڻ رنگ ۽ ساهت سٿ صفحن جو انچارج ٿيڻ کانسواءِ نيوز ايڊيٽر، اسٽاف رپورٽر ۽ انچارج ايڊيٽر طور تي صحافت جو ساٿ آخري گهڙي تائين نڀائيندو رهيو، ان کانسواءِ هو حيدرآباد پريس ڪلب ۽ حيدرآباد يونين آف جنرلسٽ جو پڻ سرگرم ميمبر ۽ عهديدار رهيو، شاگرد سياست کان ويندي صحافت جي دنيا تائين سندس ڪارنامه ڳجها نه آهن اڄ به سندس سچيون ۽ کريون ڳالهيون دوستن ۽ عزيزن ۾ گونجن ٿيون، بقول راشد مورائي جي ته

مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي،

 ان واٽ تان گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر.

قابل ڏاهري زندگي جي مصيبتن ۽ پهاڙن کي منهن ڏئي مس وڃي سک جو ساهه کنيو ته مٿان وري جلد کيس گڙدن جي بيماري جي شديد تڪليف ٿي ۽ ڪراچي جي هڪ سول اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيا ته سندس ادبي ۽ صحافتي دوستن سندس علاج لاءِ اخبارن ۾ اپيلون ڪيون تڏهن به ڪاوڙ ڪندو هو، چوندو هو ته سرڪاري خرچ تي علاج نه ڪرائيندس، مون کان وڌيڪ امداد جا ٻيا حقدار آهن.مون کي خيرات ۾ مليل زندگي نه کپي آخرڪار 30 جولاءِ تي ڪراچي کان ادبي ، صحافتي ۽ سياسي دوستن ۽ اتان ڊاڪٽرن کان موڪلائي برساتي رات ۾ پنهنجن اباڻن ڪکن ۾ پهچي ابي ۽ امڙ جا پير چمي چيو ته بس! هاڻي دوا نه دعا جي ضرورت آهي.ٻئي ڏهاڙي پنهنجي عزيزن ۽ ننڍي هوندي جي دوستن سان مليو ۽ پهرين آگسٽ 1992ع جي شام اها مخصوص گهڙي آئي جنهن ۾ هن جهان تان نوجوان اديب ۽ ممتاز صحافي قابل ڏاهري اسان سڀني کان هميشه لاءِ موڪلاڻي ڪري رب پاڪ جي سڏ کي لبيڪ چيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو