9

بي اعتمادي کان هڪ رات اڳ مون کي ترت چونڊون نه ڪرائڻ جي صورت ۾ مارشل لا لڳائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو  چيو آهي ته بي اعتمادي کان هڪ رات اڳ مون کي ترت چونڊون نه ڪرائڻ جي صورت ۾ مارشل لا لڳائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي. اهڙو انڪشاف هن قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي ڪيو . بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته تحريڪ عدم اعتماد کان اڳ واري رات پيپلز پارٽيءَ جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر  کي منهنجي لاءِ هڪ وفاقي وزير اهو ڌمڪي وارو پيّام ڏنو ته چونڊون جلد ڪرايون وڃن نه ته ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو چيو ته ان ڌمڪي جو مقصد بي اعتمادي واري رٿ کي ناڪام ڪرڻ هو پر سندن حڪمت عملي ناڪام ٿي ۽ اسان جا سمورا ادارا ڀڙڪائڻ جي باوجود آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي پنهنجون ذميواريون نڀائيندا رهيا ۽ جمهوريت جي سوڀ ٿي. هن وڌيڪ چيو ته   اسان جمهوري قوتون آهيون ۽ شفاف چونڊون چاهيون ٿا، اسان جو اڳ به  اهو ئي مطالبو هو ته چونڊن کان اڳ پهرين  سڌارا ڪيا وڃن. اسان اهي غير جمهوري طاقتون نه آهيون، جيڪي چونديون هيون اڳ ۾ احتساب ٿئي ۽ چونڊون ٿين، اسان پوليٽيڪل انجنيئرنگ تي يقين نٿا رکون. بلاول ڀٽو چيو ته اڳوڻي حڪومت جمهوري مقابلي کان ڀڄندي جمهوريت تي حملو ڪيو، هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نه رڳو اسان جي جمهوريت کي نقصان پهچايو پر آئين کي به ٽوڙيو، جيڪو سڀني جي سامهون آهي، اڳوڻو وزيراعظم، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر آئين جي ڀڃڪڙي ڪندا رهيا ۽ صدر اڃان به ايئن ڪري رهيو آهي.  ان معاملي تي هي ايوان ڪيئن ٿو چُپ رهي سگهي. پرڏيهي وزير چيو ته آئون انهن جا ڏوهه نه ٻڌائي رهيو آهيان ۽ نه ئي انهن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهيان، پر آئون رڳو اهو چئي رهيو آهيان ته ان غير آئيني عمل ۾ ملوث ماڻهن کي سامهون آڻڻ لاءِ هن ايوان کي پارليماني ڪميشن ٺاهڻ گهرجي.  ڪميشن ٺاهي جائزو ورتو وڃي ته ڪير ڪير آئين جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث هو .  عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جو جمهوري ۽ آئيني قدم خلاف ڪهڙو ري ايڪشن رهيو؟ اڳوڻي وزيراعظم کان پڇو ته چئن سالن ۾ ملڪ جي معيشت سان ڪهڙي راند کيڏي وئي؟ هن چيو ته عمران خان پاڻ کي مقدس ڳئون سمجهي ٿو، هن سيليڪٽڊ شخص خلاف اڄ تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي جنهن 4 سالن تائين ملڪ تي مڙهجي ملڪ کي تباهه ڪيو، پاڪستان کي پرڏيهي سطح تي اڪيلو ڪري ڇڏيو.  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گذريل حڪومت جي پاليسين سبب سنڌ سميت سمورن صوبن ۾ پاڻي جو بحران پيدا ٿيو آهي، مهانگائي پنهنجي انتها تي پهچي وئي آهي ۽ ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته  ملڪ ۾ ايمرجنسي واري صورتحال هجي ته پنهنجا سياسي اختلاف پاسي تي رکندي ملڪ جي مفاد ۾ ئي اپاءِ ورتا ويندا آهن، هن وقت پڻ غير معمولي صورتحال آهي. ٻي پاسي بلاول ڀٽو پرڏيهي وزير طور 17 مئي تي آمريڪا جي پهرئين دوري تي روانو ٿيندو، جتي هو سيڪريٽري ٽوني بلنڪن سميت اهم عملدارن سان ملاقاتون ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو