28

تحريڪ انصاف جي ايم پي اي نذير چوهاڻ جو ٻه روزا جسماني رمانڊ منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي ايم پي اي نذير چوهاڻ جو ٻه روزا جسماني رمانڊ منظور، ايف آءِ اي وزيراعظم جي خاص معاون شهزاد اڪبر پاران داخل ڪرايل ڪيس ۾ نذير چوهاڻ کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جڊيشل مئجسٽريٽ يوسف عبدالرحمان جي عدالت کيس 2 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيوم، ايف آءِ اي جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار کان جاچ مڪمل ڪرڻ آهي، جسماني رمانڊ منظور ڪيو وڃي، هن چيوته نذير چوهاڻ سوشل ميڊيا جو استعمال ڪري مدعي خلاف مواد اپ لوڊ ڪيو، ايف آءِ اي نذير چوهاڻ کان ان جو سوشل ميڊيا اڪائونٽ رڪور ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو