ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل واوڊا جي والده جي لاڏاڻو ڪري وئي آهي، مرحومه ڪيتري ئي عرصي کان بيمار هئي، وزيراعظم عمران خان سميت اهم شخصيتن فيصل واوڊا سان والده جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي، فيصل واوڊا سماجي رابطن جي ويب سائيٽ جي جاري ڪيل پيغام ۾ ٻڌايو ته منهنجي والده پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي ملي، هوءَ ڪجهه ڏينهن ڪوما ۾ هئي.
