22

تحريڪ انصاف ۾ انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرائڻ تي عمران خان کي نوٽيس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف ۾ انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرائڻ تي عمران خان کي نوٽيس، ان سلسلي ۾  اليڪشن ڪميشن انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرائڻ تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن،

جڏهن ته ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ بلوچستان عوامي پارٽي کي به نوٽيسز جاري ڪيا ويا آهن، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته عمران خان 13 جون تي انٽرا پارٽي اليڪشن جا تفصيل ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو، اليڪشن ايڪٽ تحت تمام سياسي جماعتون مقرر وقت تي انٽرا پارٽي چونڊو ڪرائڻ جون پابند آهن، اليڪشن ڪميشن وزيراعظم عمران خان کان 14 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو