راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻن مان گرفتار ڪيل 165 ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي سينٽرل جيل اڊيالا ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.جن مان 83 ڄڻن کي ايم پي او جي تحت 14 ڏينهن لاءِ نظربند ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 82 ڄڻا مختلف ڪيسن ۾ نامزد ڪيا ويا آهن.
