17

تحريڪ لبيڪ (ٽي ايل پي) ڪلعدم قرار ڏيڻ خلاف 30 ڏينهن ۾ اپيل ڪري سگهي ٿي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ ڪلعدم قرار ڏيڻ جي خلاف 30 ڏينهن ۾ اپيل ڪري سگهي ٿي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته هلندڙ ڏينهن دوران سورنهن ايم پي او تحت گرفتار 650 کان وڌيڪ کي آزاد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سعد رضوي تي ڪيسن سميت 210 ايف آءِ آر قانوني عمل کان گذرنديون، هن چيو ته تحريڪ لبيڪ (ٽي ايل پي) ڪالعدم قرار ڏيڻ جي خلاف 30 ڏينهن ۾ اپيل ڪري سگهي ٿي، شيخ رشيد چيو ته گذريل ڏينهن دوران جيڪو به ٿيو ان جهيڙي ۾ سوشل ميڊيا جو استعمال ٿيو، سوشل ميڊيا جو اصل مقصد پاڪستان جي امن کي تباهه ڪرڻ هو، سموري صورتحال دوران ڀارت مان 2-2 لک ماڻهو آن لائن هئا، ڀارت اسان جي ملڪ جون حالتون خراب ڪرڻ چاهي ٿو، اسان جي فوج جانين جا نذرانا ڏئي دهشتگردي ختم ڪئي، سوشل ميڊيا جيڪو ڪيو ان جو جائزو ورتو پيو وڃي، شيخ رشيد چيو ته ٽي ايل پي سياسي پارٽي آهي ۽ 2010 جي چونڊن ۾ پنجاب جي ٽئين وڏي پارٽي هئي ان وٽ اپيل جو حق موجود آهي ۽ هو 30 ڏينهن ۾ پنهنجو جواب داخل ڪرائي سگهن ٿا، شيخ رشيد چيو ته سراج الحق ڳالهين جو مشورو ڏنو ان جو ٿورائتو آهيان پر مولانا فضل الرحمان سمجهو ته شايد ان جي لاٽري نڪتي آهي، مولانا جيڪو به ڪري ٿو ان جي ڳچي ۾ پوي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته برطانيه کان نوازشريف کي ڊي پورٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، برطانوي ڪمشنر چيو آهي ته اوهان حوالگي جي لاءِ درخواست ڏيو پر هن ڪو مثبت جواب نه ڏنو. قومي اسيمبلي جي واقعي تي هن چيو ته شاهد خاقان جي رويي سان نٿو لڳي ته ڪو هو وزيراعظم رهيو آهي، ان جي سياسي زندگي ۾ اها بدترين زبان هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو