اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ وزيراعظم پاران ترقياتي فنڊز جاري ڪرڻ واري ڪيس ۾ اٽارني جنرل کي وزيراعظم جي صحي سان جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ وزيراعظم پاران ترقياتي فنڊز جاري ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اٽارني جنرل پيش ٿي ٻڌايو ته وزيراعظم جي اسيمبلي ميمبرن کي فنڊز ڏيڻ واري خبر صحيح ناهي، ان تي جسٽس قاضي عيسيٰ چيو ته جيڪڏهن خبر غلط آهي ته ترديد ڇو نه ڪئي وئي؟ هر روز اطلاعات واري وزارت مان بيانن جي ڀرمار هوندي آهي، هر روز حڪومت جي پروپيگينڊه مشيري بيانن جي بمباري ڪندي آهي پر 10 جنوري جي خبر جي هن وقت تائين ترديد ناهي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران عدالت سنڌ حڪومت کان به ترقياتي فنڊز بابت جواب طلب ڪيو ۽ چيف جسٽس چيو ته سنڌ حڪومت جواب جمع ڪرائي ته جيئن جائزو وٺي سگهجي. ان موقعي تي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته وزيراعظم رضاڪاراڻي طور تي صحي سان جواب جمع ڪرائيندو، جڏهن ته حڪم نامي ۾ صحيح واري شرط نه لکي وڃي. چيف جسٽس اٽارني جنرل جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ آرڊر ۾ وزيراعظم جو جواب صحي سان مشروط ڪري ڇڏيو.
