انقره (ويب ڊيسڪ) ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته هن جو ملڪ پاڻ کي يورپ جو جدا نه ٿيندڙ حصو سمجهي ٿو پر هو ٻٽي معيار جي روين ۽ حملن آڏو نه جهڪندو. اي ڪي پارٽي کي خطاب ۾ هن چيو ته ترڪ قوم پاڻ خلاف کلم کلا حملن يا ناانصافين آڏو نه جهڪندي. ترڪي جي صدر يورپي يونين تي زور ڏنو ته هو پناهگيرن ۽ ترڪي جي يونين سان مڪمل ميمبر بڻجڻ جي حوالي سان ڪيل پنهنجا واعدا پورا ڪري. هن جو اشارو 2016ع ۾ ٿيل ان معاهدي ڏانهن هو جنهن تحت ترڪي پناهگيرن جي يورپ وڃڻ جي رجحان کي روڪيو ۽ ان قدم بدلي يورپ ترڪي کي مالي امداد ڏيڻ ۽ يورپي يونين جي شيجين خطي ۾ ويزا کانسواءِ سفر ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي.
