16

ترڪي پنهنجي سرحدن تي ڊگهيون ديوارون ڇو پيو ٺهرائي؟

ليکڪ: وليم آرمسٽرانگ

ترڪي طرفان شام ۽ ايران جي سرحدن تي سوين ڪلوميٽرن ڊگهين ديوارن جي تڪميل آخري مرحلي ۾ آهي، يونان اڳ ئي ترڪي جي سرحد سان اهڙي ديوار ٺهرائي چڪو آهي جنهن تي جديد سيڪيورٽي اوزار لڳل آهن، اهڙين ديوارن جي تعمير سان تازن سالن ۾ مهاجرن جي يورپ ۾ داخل ٿيڻ جي حوالي سان مختلف قومن جي روين ۾ سختيءَ جا به اشارا ملن ٿا. ترڪي طرفان ديوار جي تعمير ۾ ترڪ حڪومت جي سيڪيورٽي فرسٽ واري پاليسي جهلڪي ٿي، اها پاليسي جنهن تحت هو پنهنجي سرحدن کان ٻاهر وڃي ڪرد مليشيا خلاف ڪارروايون ڪري ٿو.

شام، ايران جون سرحدي ديوارون: ترڪيءَ جي پرڏيهي وزير سليمان سولو نومبر 2020ع ۾ چيو هو ته شام جي سرحد سان 911 ڪلوميٽر ڊگهي ديوار تي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، اطلاعن مطابق ان ديوار تي ڪم 2016ع ۾ شروع ٿيو هو، عملدارن جو چوڻ آهي ته ان ديوار جي تعمير جو مقصد سيڪيورٽي بهتر بڻائڻ، اسمگلنگ ۽ غيرقانوني طريقي سان ملڪ ۾ داخل ٿيندڙ پناهگيرن کي روڪڻ آهي، شام ۾ بدامني پکڙجڻ کانپوءِ وڏي انگ ۾ ماڻهن ترڪيءَ طرف هجرت ڪئي، جنهن کانپوءِ ان ديوار تي ڪم شروع ڪيو ويو هو، حڪومت جي حامي اخبار صبا مطابق اها ديوار 2 ميٽر وڪري ۽ 3 ميٽر ڊگهي آهي ۽ 7 ٽن جي ڪنڪريٽ بلاڪس مٿان ڪنڊيدار تار لڳائي وئي آهي، ديوار جي هر 300 ميٽرن کانپوءِ هڪ واچ ٽاور آهي، انادولو نيوز ايجنسي مطابق ان ديوار تي ٿرمل ڪئميرائون، نگراني جون ڪلوز اپ ڪئميرائون، نگراني لاءِ ريڊار، ريموٽ ڪنٽرول هٿيار سسٽم ۽ لائين لينٿ ايمجنگ سسٽم کانسواءِ ايڪوسٽڪ سينسر به لڳل آهن، ترڪيءَ جي اها سرحدي ديوار ميڪسيڪو بارڊر تي آمريڪا طرفان ٺاهيل ديوار ۽ ديوار چين کانپوءِ دنيا جي ٽئين وڏي ڊگهي ديوار آهي. ترڪي ايران سان پنهنجي 560 ڪلو ميٽر ڊگهي سرحد تي 200 ڪلو ميٽر ڊگهي ديوار پڻ ٺهرائي رهيو آهي، ترڪيءَ جي ميڊيا جي ذريعن ۾ چيو پيو وڃي ته پابندي مڙهيل ڪردش ورڪرز پارٽي (پي ڪي ڪي)، اسمگلنگ ۽ غيرقانوني لڏپلاڻ کي روڪڻ لاءِ اهي قدم کنيا پيا وڃن. شام ۾ ٿيندڙ تازي گهرو ويڙهه جي شروعات ۾ ترڪي شامي شهرين لاءِ پنهنجي سرحدن کي کليل رکيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ لکين شامي پناهگير ترڪي ۾ داخل ٿيا هئا، گڏيل قومن جي انگن اکرن مطابق ترڪيءَ ۾ هن وقت 36 لک شامي پناهگير موجود آهن. جيڪو دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ پناهگيرن جو سڀ کان وڏو تعداد آهي، پر هاڻ ترڪي ۾ شامي پناهگيرن بابت رويا سخت ٿي چڪا آهن ۽ ترڪي ڪنهن کي به سرحد پار ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي، عملدارن مطابق 2017ع کانپوءِ شامي مهاجرن جي حوالي سان صورتحال ۾ استحڪام آيو آهي، ترڪي 2020ع ۾ ان وقت به پنهنجي سرحد کي مڪمل طور بند رکيو هو، جڏهن شام ۽ روس ادلب ۾ بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ترڪيءَ جي بارڊر طرف آيا هئا، پر صدر طيب اردوگان چيو آهي ته ترڪي وڌيڪ پناهگيرن جو بار نه سنڀاليندو، انساني حقن جي گروپ ترڪيءَ تي سرحد تان ماڻهن کي پوئتي هٽائڻ ۽ کين مارڻ جو الزام هڻي ٿو، سيرين آبزرويٽري فار هيومن رائيٽس جو چوڻ آهي ته سرحدي گارڊز 2011ع کانپوءِ مبينا طور 465 ماڻهن کي گولي هڻي ماريو آهي،  ايران جي سرحد تي ديوار جي تعمير به وچ ايشيا کان مهاجرن جي وڌندڙ تعداد کي روڪڻ ٻڌايو پيو وڃي، افغانستان ۾ بدامني سان ڀڄندڙ ايران جي رستي ترڪي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ان رستي کي استعمال ڪندا آهن، انقره ۾ قائم ازائلم اينڊ مائيگريشن ريسرچ سينٽر (آءِ جي اي ايم)جي سربراهه متين ڪورابيتر بي بي سي کي ٻڌايو ته سالن تائين ترڪيءَ ۾ داخل ٿيڻ جو اهو واحد رستو هو، سرڪاري براڊ ڪاسٽر ٽي آر پي ترڪش اهلڪارن جي حوالي سان ٻڌايو ته ايران جي سرحدي ديوار جي تعمير سان غيرقانوني طور سرحد ٽپندڙ ۽ اسمگلنگ جي واقعن ۾  وڏي پئماني تي گهٽتائي ٿي آهي پر متين ڪورابيتر ٻڌايو ته جتي هن وقت تائين ديوار تعمير ناهي ٿي، اتان پناهگير اڃا به سرحد ٽپي ترڪي ۾ داخل ٿي رهيا آهن.

ڪرد مخالف قدم؟ ڪجهه ڪردن جو چوڻ آهي ته ترڪي طرفان سرحدن تي ديوارون ٺاهڻ جو مقصد رڳو ڪردن جو اتحاد روڪڻ آهي، ڪرد نسل ترڪي، شام، ايران ۽ عراق ۾ رهي ٿو، ڪرد نيشنل موومينٽ جو مقصد ڪردن کي ورهائڻ واري سرحدون ختم ڪرڻ آهي، جيڪي پهرين عالمي جنگ کانپوءِ ٺاهيون ويون هيون، ڪردن جي حامي انگريزي رسالي روجوا 2019ع ۾ خبردار ڪيو هو ته شام جي ديوار ڪرد معاشرن کي ورهائي ڇڏيندي، استنبول جي ابن هلدون يونيورسٽي جي رمضان آراس شام واري ديوار کي تڪليف ده اڏاوت قرار ڏنو هو، هن پنهنجي ڪتاب دي وال ۾ لکيو هو ته ترڪيءَ جي سيڪيورٽي ديوار جو مقصد ٻنهي طرفن کان رهندڙ ڪردن جي سماجي، معاشي ۽ سياسي لاڳاپن کي ختم ڪرڻ آهي، صدر طيب اردوگان 2017ع ۾ ان ديوار کي دهشتگردي ٽوڙ قدم قرار ڏنو هو، صدر اردوگان چيو هو ته اسان انتهائي مضبوط ديوار ٺاهي رهيا آهيون ته جيئن دهشتگردن جي پنهنجي ملڪ ۾ اچ وڃ ۽ هٿيار منتقل ڪرڻ کان روڪي سگهجي. صدر اردوگان چيو ته جتي مناسب ٿيو اسان اهو ڪجهه ايران ۽ عراق جي سرحد سان به ڪنداسين. يونان به ترڪي جي سرحد سان 200 ڪلو ميٽر ڊگهي ديوار ٺهرائي آهي، جنهن تي انتهائي جديد اوزار لڳايا ويا آهن، ان ديوار تي به پري تائين ڏسڻ جي صلاحيت واريون ڪئميرائون، سائونڊ ڪينن ۽ مصنوعي ذهانت جي مدد سان هلندڙ سينسر لڳل آهن، يونان ترڪيءَ جي سرحد تان مهاجرن جي آمد کي روڪڻ لاءِ ديوار ٺهرائي آهي، ترڪي فيبروري 2020ع ۾ پنهنجي سرحد کي يونان جي سرحدي محافظن مٿان مهاجر پوئتي ڌڪڻ، انهن مٿان فائرنگ ڪرڻ ۽ کين مارڻ جا الزام هنيا آهن، يونان ۾ کاٻي ڌر جي ماڻهو ترڪي جي سرحد سان ديوار کي ساراهيو آهي، پر ترڪي يونان جي ديوار کي ”ديوار شرمندگي“ قرار ڏنو آهي. ترڪي ياد ڏياريو آهي ته ديوار ٺهرائڻ لاءِ يورپي يونين يونان جي مدد ڪئي آهي، يورپي يونين تازن سالن ۾ مهاجرن جي يورپ ۾ داخلا روڪڻ لاءِ مارچ 2016ع ۾ ترڪي سان اهڙو تڪراري ٺاهه ڪيو هو، جنهن تحت مهاجرن کي يورپ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ عيوض  ترڪي کي رقم جي ادائگي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. ترڪي جي ديوار هڪ اهڙي وقت ۾ تيار ٿي رهي آهي جڏهن اهڙيون رپورٽون اچي رهيون آهن ته افغانستان مان سوين مهاجرن ايران رستي ترڪي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، افغانستان مان آمريڪي فوجين جي نيڪاليءَ سبب اتي گهرو ويڙهه جا خطرا وڌي ويا آهن،  متين ڪوربيٽر چيو آهي ته افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڪري پناهگيرن جي ترڪيءَ ۾ داخلا جي ڪوششن ۾ واڌ ٿي ويندي، افغانستان مان ماڻهن جي لڏپلاڻ جي خبرن کانپوءِ ترڪيءَ ۾  اهڙا هيش ٽيگ# Sinirlarikapat هلي رهيا آهن، جن جو مطلب آهي ته سرحدن کي بند ڪيو، ترڪي ايران سان ديوار جي تعمير جي اهميت تي زور ڏنو، پر هن افغان شهرين جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ وارين ڪوششن جي ترديد ڪئي آهي، ترڪي جي نائب گهرو وزير اسماعيل چاٽڪلي چيو آهي ته جيستائين ديوار جي تعمير مڪمل نٿي ٿي وڃي ترڪ سرحدن کي غيرقانوني طريقي سان ٽپڻ جي ڪوششن کي روڪڻ لاءِ خاص فوجي دستن کي استعمال ڪيو ويندو، ترڪيءَ طرفان سيڪيورٽي ۽ مهاجرن جي حوالي سان سخت رويو ايندڙ وقت ۾ پڻ برقرار رکڻ جو امڪان آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو