158

تعليمي ادارن ۾ لائبريرين جي اهميت…

ليکڪ: زين سولنگي

لائبريريون علم ۽ عرفان جا سرچشما هونديون آهن، ڪنهن به قوم جي ترقي، ڀلائي ۽ ان جي تاريخي ورثي کي محفوظ بڻائڻ ۾ لائبريريون هڪ پل جو ڪردار ادا ڪنديون آهن، لائبريريون قومن لاءِ هڪ فڪري مورچي جو به ڪم ڪنديون آهن جيڪي نئين نسل لاءِ هڪ نرسري جو ڪم ڏيندي تعميري ترقي جي سفر ۾ معاشري جي شعوري آبياري لاءِ ڪليدي ڪردار ادا ڪن ٿيون، لائبريرين ۾ قومن جي تاريخ، ثقافت، علم ۽ ڏاهپ جا راز محفوظ ٿيل هوندا آهن، لائبريريون نوجوانن، شاگردن توڙي هر عمر جي ماڻهو لاءِ ضرورت هونديون آهن، دنيا جيڪا ترقي ڪئي آهي، ان جو مک سبب انهن جي تعليمي ادارن ۾ شاندار لائبريرين جو هڪ فعال ڪردار ادا ڪرڻ به آهي، جيئن اتي پڙهندڙ شاگرد ۽ استاد پوري دنيا جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪن ۽ اڳتي اچن، لائبريري تعليمي ادارن جي دل ۽ روح هوندي آهي، اسڪول اسٽيج تي ٻار کي سکيا، رهنمائي، اخلاقي تربيت، سماجي قدرن، روايتن، مذهب ۽ سماجي رويي کي سمجهڻ جي ضرورت هوندي آهي، انهن جي پورائي ۾ لائبريري بهترين ڪردار ادا ڪندي آهي، ڪتاب علم، ڄاڻ ۽ ڏاهپ جو خزانو هوندا آهن، جيتوڻيڪ لائبريريءَ ۾  مختلف ٻولين جا ڪتاب، ادب، فنون لطيفه، سائنس، سوشل اسٽيڊيز، ڪرنٽ افيئرس، ڪمپيوٽر، جاگرافي، مئٿ ۽ مذهبن وغيره جي ڪتابن سان گڏ زندگيءَ ۾ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جي مهارتن جا ڪتاب پڻ هوندا آهن، جن کي شاگرد پڙهي ڄاڻ حاصل ڪندا آهن ۽ پنهنجي زندگيءَ جو هڪ بهترين تعين ڪندا آهن، پنهنجي زندگيءَ جي خواب کي حاصل ڪرڻ ۾ ان لائبريريءَ مان ڪافي شعور پرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ڪيترائي شاگرد تعليمي ادارن جي لائبريرين مان مطالعو ڪري اڄ ڪامياب زندگي گذاري رهيا آهن، ڪيترن ئي نوجوانن  اتان مطالعو ڪري شعور حاصل ڪري پنهنجي زندگيءَ جي خواب کي حقيقي تعبير ڏني آهي، انگريزي ٻوليءَ جي نامياري شاعر ملٽن چيو آهي ته، هڪ وڏي جذبي واري لاءِ هڪ سٺو ڪتاب زندگيءَ ۾ تمام وڏي اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪتاب هر دور سان مطابقت رکندڙ علم جي خزاني سان ڀريل هوندا آهن ۽ انهن جي وسيلي ڪيتري ئي مفيد ڄاڻ مهيا ڪئي ويندي آهي ۽ لائبريري اهڙن خوبصورت خيالن ۽ ڄاڻ جو پڻ هڪ خوبصورت گهر هوندي آهي، نامياري ليکڪ شاهمراد چانڊيي هڪ هنڌ لکيو آهي ته ” سڌريل دنيا ۾ اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽيءَ کانپوءِ علم حاصل ڪرڻ لاءِ جي ڪنهن اداري جي اهميت آهي ته اها لائبريريءَ جي آهي، لائبريري ڪنهن به معاشري ۾ هڪ صحتمند ماحول پيدا ڪرڻ ۾ اهم پليٽ فارم هجي ٿي“ سائين شاهمراد چانڊيي جي ان حقيقت ڀري ڳالهه سان متفق ٿيندي لائبريرين جي اهميت کان ڪن لاٽار نه ٿي ڪري سگهجي، لائبريري تعليمي اداري جي سونهن هوندي آهي، ڪنهن تعليمي اداري ۾ لائبريري پڙهندڙن جي ترجماني ڪندي آهي، لائبريري علم جي خزاني جي جاءِ هوندي آهي، جتي مختلف مضمونن جا ڪتاب رکيا ويندا آهن، جيئن پڙهندڙن جي ذهني اوسر ٿئي، لائبريري واحد پرسڪون جاءِ هوندي آهي جتي پڙهندڙ صحيح مطالعو ڪري سگهي ٿو، ڪجهه وقت پهريان مون کي ضلعي خيرپور جي ڪجهه هاءِ اسڪولن جن ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڊرٻ ميهر شاهه، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ستابو، گورنمينٽ هاءِ اسڪول فقير آباد، گورنمينٽ هاءِ اسڪول بوزدار وڏا، گورنمينٽ هاءِ اسڪول گاگڙي ۾ وڃڻ ۽ وزٽ ڪرڻ جو اتفاق ٿيو، انهن اسڪولن جون بلڊنگس ته شاندار نموبي تعمير ٿيل هيون، ڪلاس رومس ڪشادا، هوادار بڻيل هئا، انهن اسڪولن ۾ سائنس لئبس، ڪمپيوٽر لئبس پڻ نظر آيون ۽ وڏي خوشي تڏهن ٿي جڏهن مون انهن اسڪولن ۾ شاندار لائبريرين کي ڏٺو، اتي شاگرد هڪ بهترين ماحول ۾ ڪتابن جو مطالعو ڪري رهيا هئا، مون جڏهن معلوم ڪيو ته اتي جي هڪ دوست ٻڌايو ته اسان جي اسڪول جي ٽائيم ٽيبل ۾ هر ڪلاس جو لائبريريءَ جو پيرڊ رکيل آهي، ان پيرڊ ۾ ان ڪلاس جا ٻار لائبريريءَ ۾ ايندا آهن ڪتابن جو مطالعو ڪندا آهن، شاگردن کي انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر جي سهولت پڻ مهيا ڪئي وئي آهي، جنهن ذريعي شاگرد پنهنجي ڪورس جا ليڪچر يوٽيوب تي ڳولهي  ٻڌن ٿا، ڄاڻ حاصل ڪن ٿا،  استاد پنهنجي ليڪچر جي تياري لاءِ اتي اچي مطالعو ڪن ٿا، انهن لائبريرين ۾ ڪتابن جي چونڊ به سٺي نموني ٿيل نظر آئي، باقائده اسڪول لائبريرين جو تصور ڏئي رهيون هيون، انهن کي ڏسي اتي شاگردن ۽ اسٽاف سان ملي دل کي بيحد اتساهه مليو، منهنجي خواهش آهي ته سنڌ جي سمورن سرڪاري ۽ غير سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ لائبريرين کي فعال ڪيو وڃي، جنهن سان شاگردن، شاگردياڻين، استادن توڙي اسٽاف کي ڪافي شعور ملي سگهي ٿو،  اسڪولن ۽ ڪاليجن  ۾ لائبريرين کي فعال ڪرڻ ۾ تعليم کاتي کي جوڳا اپاءَ وٺڻ گهرجن، ان معاملي ۾ تعليم کاتي کي گهرجي ته ثقافت کاتي کان به مدد وٺي، ڇاڪاڻ ته ثقافت کاتو سنڌ جي اندر پبلڪ لائبريريون هلائي رهيو آهي انهن وٽ پبلڪ لائبريرين کي قائم ڪرڻ جو هڪ پروويزن پڻ موجود آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو