14

تلهار ڀرسان پسند پرڻي تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، پريمي جوڙو گرفتار

تلھار(ويب ڊيسڪ) تلھار لڳ يونين ڪائونسل پيرو لاشاري ۾ نوتيار ۽ ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ اسلام ڪوٽ واسي ابراھيم مياڻو تڏي تي مارجي ويو، اطلاح تي تلھار پوليس بروقت واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جي لاش کي کڻائي رورل ھيلٿ سينٽر تلھار منتقل ڪيو ۽ ڪارروائي ڪندي غلام رحيم نوتيار کي مسمات نوران سميت گرفتار ڪري تلھار ٿاڻي تي بند ڪري ڇڏيو، انھي موقعي تي مقتول سان گڏ ايندڙ تعلقي ٽنڊوباگو جي ڳوٺ جعفر ملاح جو رھواسي معشوق ملاح صحافين کي ٻڌايو ته اسان کي ٻانھن جي مسئلي تي پيرو لاشاري گھرايو ويو، جتي ٻانھن کڻندڙ جوابدار غلام رحيم نوتيار پسٽل جا فائر ڪري ابراھيم ملاح کي قتل ڪري ڇڏيو، جنھن جو تعلق اسلام ڪوٽ سان آھي، ٻئي پاسي غلام رحيم نوتيار صحافين کي ٻڌايو ته گھڙي روڊ تي نامعلوم ھٿياربند ھٿيارن جي زور تي مون کان زبردستي منھنجي گھرواري کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا  ته ھڪ ڄڻو پنھنجي ئي ساٿي جي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، ھن وڌيڪ چيو ته آئون ڪڍڻ جي يوسي مٺي 3 جو رهواسي آھيان، 6 مھينا اڳ پنهنجي ئي برادري جي ڇوڪري نوران سان پيار جو پرڻو ڪري پيرو لاشاري لڳ مڇاري وٽ دوستن وٽ رهيل ھئس، پريمي جوڙي وڌيڪ چيو ته اسان شريعت  محمدي مطابق نڪاح ڪيو آھي، اسين عاقل بالغ وات وڪيل آھيون، اسان سوچي سمجهي فيصلو ڪيو آھي، اسين هر حال ۾ گڏ رھڻ ٿا چاھيون، اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو