48

تلهار ۾ ڊي ايم رائيس مل کي باهه وڪوڙي وئي، سموري مشينري ۽ اناج سڙي رک، ڪروڙن جو نقصان

تلھار(ن سوڀ)گرڊ اسٽيشن تلھار سامھون مين حيدرآباد _بدين روڊ تي ڊي ايم رائيس مل کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب ڪروڙن جي مشينري توڙي اناج  سڙي رک ٿي ويو آهي. گرڊ اسٽيشن تلھار جي سامھون مين قومي شاھراھ حيدرآباد_بدين روڊ تي ڊي ايم رائيس مل کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي، جنھن جي شدت ۾ اضافو ٿيڻ بعد باھ سموري مشينري کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ورتو، اهڙو اطلاع فائربرگيڊ جي گاڏي کي ڏنو ويو، جنھن بروقت پھچي باھ تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر باھ جي شدت تيز ھئڻ سبب مختلف شھرن مان فائر برگيڊ جون گاڏيون گھرايون ويون، جن مسلسل ٽن ڪلاڪن کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو. رابطو ڪرڻ تي رائس مل مالڪ ديوان ڊالو مل صحافين کي ٻڌايو ته باهه سبب ڪروڙن روپين جو نقصان ٿيو آھي، جنھن ۾ 1500 مڻ  تيار ٿيل  چانور، 3000 مڻ ساريون،  توھ ۽ مشينري مڪمل طور تي سڙي رک ٿي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو