237

تهذيبن جي ماءُ سڏجندڙ سنڌو ماٿري جي تهذيب…

ليکڪ: اويس ساگر سومرو

سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب 3300 کان 1700 قبل مسيح تائين قائم رھڻ واري انسان جي ڪجهه شروعاتي تھذيبن مان هڪ آهي. هي سنڌو ماٿريءَ جي ميدان ۾ سنڌو درياھه ۽ ان ۾ ڪرندڙ دريائن جي ڪنارن تي شروع ٿي. موهن جو دڙو ۽ ھڙپا هن جا اهم مرڪز هئا، هن تھذيب جا ماڻھو  گھر پڪين سرن سان ٺاهيندا هئا. انھن وٽ ڏاند گاڏيون هيون، هو چرخي ۽ کڏي تي ڪپڙا ٺاهيندا هئا، مٽي جي ٿانون ٺاهڻ جا ماهر ھئا، هاري، لوھار، ڪنڀر ۽ مستري سنڌو ماٿري جي تھذيب جا اڏيندڙ هئا، سنڌ جي وادي مان مراد سنڌوندي ۽ انجي معاون درياهن جهلم، چناب، راوي، ستلج ۽ ڪابل جي ڀرپاسي جي ميداني علائقن کي عرف عام ۾ ”سنڌ جي وادي“ چيو ويندو آهي، سنڌ جي وادي هماليه، قراقرم ۽ هندوڪش جي پهاڙي سلسلن کان نڪرڻ وارن درياهن سان سيراب ٿئي ٿي ۽ ان پهاڙي سلسلن جي ڏکڻ ۾ واقع آهي۔ تقريباََ پورو پاڪستان سنڌ جي وادي تي مشتمل آهي. زرخيز زمين، مناسب پاڻي ۽ موزون گرمي پد سبب سان سنڌ جي وادي زراعت ۽ انساني رهائش جي لاءِ موزون آهي. ان ئي ڪري انسان جون ابتدائي وستيون سنڌ جي وادي ۾ آباد ٿيون، جيڪي بالآخر سنڌ جي تهذيب چَورايون. سوٽي ڪپڙو جنھن کي انگريزي ۾ ڪاٽن چوندا آهن اهو به هنن جي ايجاد هئي، کنڊ ۽ شطرنج دنيا جي لاءِ هن تھذيب جا انمول تحفا آهن، سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب جي دولت هزارن سالن کان ماڻھن کي پنھنجي طرف ڇڪيو آهي. گُمان ڪيو ويندو آهي ته هندستان ۾ تمدن جو بنياد آرين 1500 قبل مسيح ۾ وِڌو هو. ان کان پهرين هتان جا رهاڪو جھنگلي ۽ تھذيب کان نا واقف ھئا پر بعد جي تحقيقن هن نظريي کي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ هن ملڪ جي تاريخ کي ڏيڍ ھزار سال پوئتي ڪري ڇڏيو. موهن جي دڙي ۽ هڙپا جي آثارن جي دريافت ٿيڻ کان پوءِ خبر پئي ته هتان جا رهاڪو آرين جي اچڻ کان ڪافي اڳ تھذيب ۽ تمدن جا مالڪ هئا. سنڌو ماٿريءَ مان مراد صرف هاڻوڪي سنڌ نه آهي، پر هاڻوڪو پاڪستان، افغانستان جو اوڀر وارو حصو، ڀارت جو اولهه وارو حصو سنڌو ۾ شمار ٿيندو آهي، سنڌو ماٿري اولهه ۾ بلوچستان ۽ اوڀر ۾ اُترپرديش تائين ڦهليل آهي. جڏهن ته اتر ۾ افغانستان جي اتر اوڀر واري حصي کان ڏکڻ ۾ ڀارتي رياست مهراشٽر تائين ڦهليل آهي. سنڌو ماٿري ان وقت پنهنجي عروج تي هئي، جڏهن دنيا ۾ پهرين شهرن جو بنياد وڌو پئي ويو، پر بعد ۾ هيءَ تهذيب زوال پذير ٿي وئي. هن ماٿري جي آثارن جو ظاهر ٿيڻ 20ھين صدي جو سڀ کان وڏو عصري واقعو آهي. ڇو ته هن تهذيب جي ڦهلاءُ ۽ معنيٰ کي 1922ع ۾ موهن جي دڙي جي کوٽائي کان پهرين ڪو به سمجهي نه سگهيو هو، سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب تاريخ کان پهريان جي بهترين نشاني آهي، هن تهذيب جون ڪافي اهڙيون خصوصيتون آهن، جيڪي صرف هن تهذيب سان تعلق رکن ٿيون. ماضيءَ ۾ هن تهذيب جي باري ۾ ماهرن جي راءِ هُئي ته هيءَ تهذيب اولهه ايشيا مان هن سرزمين تي آندي وئي هئي، پر 1950ع ۾ ڊاڪٽر ايف اي خان ڪوٽڏجي جي کوٽائي ڪئي، اتان نيون ڳالهيون سامهون آيون ۽ پُراڻن تصورن ۾ تبديلي آئي. ڪوٽڏجي ۾ موهن جي دڙي جي دور کان ڪافي اڳ جي دفن ٿيل آبادي ملي، هن تهذيب جي زماني جو ريڊيو ڪاربن جي ذريعي پتو لڳايو ويو ته خبر پئي هي آبادي موهن جي دڙي کان به 800 سال اڳ جي تهذيب آهي! اُن کان پوءِ لڳولڳ کوٽايون ٿيون جن مان اهو ثابت ٿيو ته هن تهذيب جي سرچشمي جي هن ئي سرزمين تي ابتدا ٿي، هي مقامي سماج جي ارتقا جو لازمي نتيجو هو ۽ ٻاهرين اثر جيڪي به هُئا اهي گهٽ اهميت وارا هئا، هن تهذيب جو پختو زمانو 2500 ق م کان 1700 ق م آهي، پر حقيقت ۾ هن جو تسلسل 3800 ق م تائين نظر اچي ٿو، پراڻين کوٽاين ۾ هن تهذيب سان واستو رکندڙ شهر 42 جي تعداد ۾ هئا، هاڻي هن جي تعداد ۾ سَون جو اضافو ٿي چڪو آهي، صرف چولستان ۾ ڊاڪٽر رفيق مغل 363 دفن ٿيل وستيون لڌيون آهن، ان کانسواءِ سرائي کولا، جهنگ، بٺيال، سوات وادي ۾ غالا گئي،گومل وادي ۾ ڪافي جڳهون، بلوچستان جي علائقي مهر ڳڙهه ۾ هن تهذيب جا آثار مليا آهن، ڀارت ۾ گهگهر(هاڪڙي) درياھه ۽ اُن ۾ ڪرندڙ درياهن جا علائقا هنن آثارن سان ڀريا پيا آهن. هن تهذيب ۾ وڏن شهرن جي موجودگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته آبادي گهڻي هئي، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڪين سرن جو ڪثرت سان استعمال ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هتي وڏا جهنگ به هئا، ٿانون ۽ مهرن تي جانورن جون شڪليون پڻ جهنگن جو ثبوت آهن، جانورن ۾ گينڊو، شينهن، مينهن ۽ هاٿي گهڻي تعداد ۾ هئا ۽ واڳن جو پڻ ثبوت مليو آهي، رڇ جا ڪجهه نسل، بندر، نوريئڙو ۽ طوطو به مليو آهي، هرڻ ۽ ان جي نسل جو هڪ ٻيو جانور به مليو آهي. هن تهذيب جا نُمايان شهر موهن جو دڙو، هڙپا، چانھين جو دڙو، ستگڪن جو دڙو، بالاڪوٽ وغيره آهن.ماهر سنڌ جي تهذيب لاءِ سلطنت جو لفظ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن پر پگٽ ۽ ويلز مٿاڇري طور انڊس امپائر جو لفظ استعمال ڪيو آهي، اڪثر ماهرن جو رجحان اهو آهي ته هن کي سلطنت نٿو سمجهي سگهجي. پر ڪجهھ حقيقتون اهڙيون آهن، جن جي ٻي تشريح هن وقت تائين ممڪن نه ٿي سگهي آهي، سنڌو ماٿريءَ جي صنعتي پيداوار جي زبردست هڪجهڙائي هن خيال جي ضرور گنجائش پيدا ڪري ٿي ته هتي هڪ طاقتور مرڪزي حڪومت موجود هئي، جيڪا سڄي علائقي کي ڪنٽرول ڪندي هئي. ان کانسواءِ پيداوار ۽ تقسيم جو هڪ مربوط سلسلو هو، جنهن کي ڪنٽرول ڪري پئي. رستن جي حفاظت جو هڪ سٺو نظام هو، موهن جو دڙو ۽ هڙپا همعصر شهر آهن، جيڪي غالبن گڏيل دارالحڪومت هئا،  انهن ٻنهي شهرن جي اندر اوچا ۽ وڏا قلعا هئا، جنهن جي ڪري اهو خيال ڪيو ويندو آهي ته هي دارالحڪومت هئا، ملڪ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ مصنوعات ۽ دستڪارين ۾ گهري هڪجهڙائي صرف مرڪزي حڪومت جي سخت قانونن جو نتيجو نه هئي پر سماج جا تجارتي قانون به جن کي مذهبي رنگ لڳل هو، يقينن ڏاڍا سخت هوندا جن تي لفظ به لفظ عمل ٿيندو هو، هر علائقي ۾ اوزار هڪ جهڙا هئا، سرن جي ماپ، گهرن جو نقشو، وڏين گهٽين جي ترتيب مطلب ته سڄي شهر جي ٽائون پلاننگ هڪ جهڙي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو