24

توانائي شعبي ۾ وڌندڙ گردشي قرض، حل ڪهڙو آهي..؟؟

ليکڪه: سحر بلوچ

ويجهڙ ۾ پاڪستان جي توانائي بابت ڪابينا ڪاميٽي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته نومبر 2020ع تائين پاڪستان ۾ پاور سيڪٽر يعني توانائي جي شعبي جي گردشي قرضن جو ڪاٿو 2306 ارب يعني 2.306 ٽريلين رپين تائين پهچي چڪو آهي. توانائي واري ڪاميٽي کي ٻڌايو ويو آهي ته گردشي قرضن جي وڌڻ جو وڏو سبب بجلي جي چوري ۽ بروقت ادائگي جو نه هجڻ سميت توانائي جي شعبي ۾ پبلڪ سيڪٽر جي ناقص ڪارڪردگي شامل آهي، اجلاس کي ان بابت به آگاهي ڏني وئي ته بجلي ڏيندڙ ڪيترائي ادارا سمارٽ ميٽر جي چونڊ نٿا ڪن جيڪو ڏينهن به ڏينهن هڪ مسئلي جي صورت اختيار ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن پاڪستان جي توانائي واري شعبي کي ڏسون ته اهو شعبو گذريل 13 سالن کان گردشي قرضن هيٺان دٻيل آهي، 2008ع ۾ انهن قرضن جو ڪاٿو ساڍا 6 هزار ارب رپيا هو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفاقي حڪومت جي آخري مالي سال تائين وڌي ساڍا 13 هزار ارب رپين تائين پهچي ويو هو، پر مسلم ليگ (ن) جي حڪومت دوران ان مسئلي کي منهن ڏنو ويو ۽ موجوده تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کان ڪجهه مهينا اڳ يعني جون 2018ع ۾ توانائي واري شعبي جو گردشي قرض 1148 ارب رپين تائين ٿي ويو هو، پر موجوده حڪومت جي ٻن سالن دوران يعني نومبر 2018ع کان نومبر 2020ع تائين اهو قرض هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي 2306 ارب رپين تائين وڃي پهتو آهي. مختلف حڪومتن طرفان توانائي واري شعبي جي گردشي قرضن تي ڳالهه ٿيندي رهندي آهي ۽ حڪومتون اهو بار گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن جون ڳالهيون به ڪنديون آهن پر گذريل حڪومت جا ميمبر ۽ ماهر چون ٿا ته ان مسئلي جي مستقل حل لاءِ اڃا تائين ڪا واضح پاليسي يا طريقيڪار طئه ناهي ڪيو ويو. ڪراچي ۾ بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ کانسواءِ هن وقت ملڪ ۾ بجلي جي فراهمي جو سڄو نظام حڪومت وٽ آهي، حڪومت يا سرڪاري ادارا جڏهن بجلي سپلاءِ ڪرڻ يا تيل ۽ گئس سپلاءِ ڪندڙ ادارن کي حاصل ٿيندڙ بجليءَ عيوض معاوضو ادا نه ڪري سگهندا آهن ته اهو قرض گڏ ٿيندو رهندو آهي ۽ سادن لفظن ۾ ان کي گردشي لفظ چيو ويندو آهي، حڪومت طرفان رقم بروقت نه ملڻ سبب بجلي ڏيندڙ ڪمپنين ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن خاص ڪري آءِ پي پيز کي هلائڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته انهن ڪمپنين جو ماهوار بل ادا ڪيو وڃي. توانائي بابت ڪابينا ڪاميٽي کي ٻڌايو ويو ته گردشي قرضن ۾ 156 ارب رپين جي واڌ آءِ پي پيز بروقت پئسا نه ڏيڻ، بجيٽ ۾ شامل ٿيندڙ خرچن ۽ ڪي اليڪٽرڪ طرفان ادائگيون نه هجڻ سبب سامهون آيو آهي، مالياتي معاملن تي نظر رکندڙ صحافي فرحان بخاري ان حوالي سان ٻڌايو ته ان واڌ جي سببن مان هڪ سبب ڊالر جي مقابلي ۾ ملڪي ڪرنسي جي اگهه ۾ گهٽتائي ٿيڻ ۽ ٻيو ڪورونا جي موجوده صورتحال به آهي ۽ وري موجوده ٻن سالن ۾ وياج جي شرح وڌڻ سبب به گردشي قرضن ۾واڌ نظر اچي رهي آهي،  سندس چوڻ هو ته درآمدات جي ڀيٽ جيڪڏهن رپئي سان ڪئي وڃي ته ان ۾ وڌيڪ ۽ واضح واڌ ٿي آهي ۽ ان ۾ پرڏيهي ملڪن مان تيل جي رسد کي به شامل ڪري وٺجي ته ان سبب به اثر پيو آهي، سندس چوڻ هو ته اڳ جي ڀيٽ ۾ هي خسارو گهڻو ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو ته هن وقت تائين 2306 ارب رپين جو قرض پاڪستان کي اندروني ۽ پرڏيهي ڪمپنين کي ادا ڪرڻو آهي، هن چيو ته واجبات اهڙي قرض کي چيو ويندو آهي جيڪي پبلڪ سيڪٽر يا ڪاروباري ادارن جيئن پاڪستان اسٽيل مل جي ذمي پئسا رهيل هوندا آهن، جڏهن ته بجلي جا جيڪي ڪارخانا پرائيويٽ سيڪٽر ۾ شامل هوندا آهن، ان کي آءِ پي پيز چوندا آهن، جڏهن ته سرڪار ان جون رهتون ادا نه ڪري سگهندي آهي ته انهن ادارن لاءِ بجلي جا ڪارخانا هلائڻ ڏکيا ٿي ويندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ بجلي جي فراهمي ۾ گهٽتائي ٿيندي آهي. هوڏانهن خزاني واري وزارت جي اڳوڻي صلاحڪار ڊاڪٽر خاقان نجيب ٻڌايو ته گردشي قرضن جي مد ۾ موجوده بقايا هر مهيني وڌي رهي آهي ۽ ان ۾ واڌ جو سبب ڪجهه پاليسين سنا لاڳاپيل آهي ته ڪٿي قرضن ۽ ادائگيءَ لاءِ ٺاهيل ساخت ان جي ذميوار آهي، هن چيو ته ان واڌ کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو،جنهن جي لاءِ ڪجهه اصلاحن جي ضرورت آهي، جيڪا رڪوري 2020ع ۾ 88 سيڪڙو هئي، ان کي وڌائي 100 سيڪڙو تائين ڪرڻ ضروري آهي، ائين ڪرڻ سان گردشي قرضن ۾ 160 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، سندس چوڻ هو ته ٽيڪنالاجي جو استعمال، ٽيرف جو بروقت جاري ٿيڻ، تيل کي ماهوار جاري ڪرڻ، سالياني ٽيرف جو وقت تي جاري ٿيڻ به مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ انهن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ذميواري نيپرا کي ڏني وڃي. سندس چوڻ هو ته گردشي قرضن ۾ ماهانا واڌ گهٽائڻ جو سڀ کان اهم طريقو سمارٽ ميٽر تي عمل ڪرڻ آهي، اهو متعارف ٿي چڪو آهي، پر ان تي عمل ڪرائڻ به بيحد ضروري آهي، اڳوڻي توانائي واري سيڪريٽري يونس ڌاڳا ٻڌايو ته 2014 ع کان 2017ع تائين واري عرصي ۾ گردشي قرضن کي وڌڻ نه ڏنو ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ بجلي فراهمي مناسب طريقي سان هلندي رهي ۽ آءِ پي پيز جا به مسئلا نه ٿيا، پر گذريل ٽن سالن ۾ انهن قرضن ۾ واڌ ٿي آهي، ٽن سالن ۾ 2000 ارب رپين جي واڌ ناقابل فهم آهي ۽ ان شعبي ۾ حڪومتي ڪارڪردگي تي نظرثاني جي به ضرورت آهي، هن چيو ته صارفين طرفان بجلي بلن جي ادائگي نه ٿيڻ جا به 2 کان 3 سبب آهن، جنهن جي ڪري پئسا نه پيا ملن، مثال طور اڳوڻي فاٽا، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪچي وارن علائقن سميت ڪي پي ڪي ۾ به اهڙا علائقا آهن، جتي صارفين عام حاصل ٿيندڙ بجلي جي رقم نٿا ڏين، پر هتي سياسي معاملن جي ڪري حڪومت طرفان سختي نٿي ڪئي وڃي، سندس چوڻ هو ته منهنجي دور ۾ سنڌ جي 70 ارب رپين جي بقايا ٿي وئي هئي، پوءِ اسان کي انهن ادارن سان ويهي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پئجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 30 ارب رپين تائين جي رڪوري ٿي وئي هئي، هاڻ ان قسم جو ڪردار نڀائڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته جيڪڏهن رڪوري ٿيندي رهي ته پوءِ گردشي قرض سنڀالي سگهون ٿا، هن اهو به چيو ته 2013ع ۾ 480 ارب رپيا ادا ڪيا ويا هئا، جنهن کانپوءِ ڪوشش اها هئي ته ان کي وڌڻ نه ڏنو وڃي، هاڻ به حڪمت ڪوشش ته ڪري رهي آهي ۽ ان بابت آءِ پي پيز سان اجلاس ڪيا پيا وڃن ته اهي بقايا جي ادائگي ڪئي پر موجوده صورتحال ۾ اهو ڪيئن ممڪن بڻايو ويندو ته ان بقايا کي وڌڻ نه ڏنو وڃي، ان جو طريقو منهنجي نظر مان نه گذريو آهي، ان جو نتيجو اهو نڪرندو ته هڪ ٻن سالن ۾ هڪ کان ٻه هزار ارب وڌيڪ گردشي قرضن جي مد ۾ وڌي ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو