8

تونسا کان گڊو تائين سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ٿيڻ جو انڪشاف، جانچ لاءِ ڪميٽي قائم

اسلام آباد  ( بيورو رپورٽ ) تونسا بئراج کان گڊو بئراج تائين سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن بابت قومي اسيمبليءَ جي پاڻي جي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جانچ جو حڪم ڏيندي ان لاءِ ڪميٽي پڻ ٺاهي ڇڏي آهي. خميس ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي پاڻي جي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو خصوصي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پاڻي جي کوٽ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شوري  اثرائتا دليل ڏئي ارسا ۾ پنجاب جي ميمبر  کي چپ ڪرايو.  ڄام خان شوري  چيو ته جڏهن پاڻي جي کوٽ آهي ته پوءِ  پنجاب پاڻي گڏ ڪئين پيو ڪري؟.  چشما لنڪ ڪئنال ڇو وهايو پيو وڃي؟  هن چيو ته سنڌ جي حصي جو پاڻي تونسا کان گڊو جي وچ ۾ چوري ٿو ٿئي، صوبائي وزير جي ان موقف جي وفاقي وزير خورشيد شاهه به تائيد ڪئي ۽ چيو ته چوڏنهن کان پندرنهن سئو پمپن وسيلي اهو پاڻي چوري ڪيو ٿو وڃي. سنڌ جي اهڙي موقف تي ڪميٽيءَ ان معاملي جي جانچ لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي، اها ڪميٽي  اڄ تونسا،  گڊو ۽ سکر جو دورو ڪري تونسا کان گڊو تائين سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ٿيڻ جي جانچ ڪندي. اجلاس ۾ وفاقي وزير خورشيد شاهه تجويز ڏني ته  سنڌ حڪومت ڪميٽي کي پاڻي جي چوري جي جانچ لاءِ جهاز ڏي، جنهن تي سنڌ جي صوبائي وزير ڄام خان شوري اها تجويز رد ڪندي چيو ته پاڻي به سنڌ جو چوري پيو ٿئي ۽ وري جهاز به اسين ڏيون، اسين جهاز نه ڏينداسين. سنڌ طرفان جهاز ڏيڻ کان انڪار کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته اها ڪميٽي روڊ وسيلي ئي ويندي. اجلاس ۾ سنڌ جي آبپاشي واري وزير  پاڻي جي ورهاست 1991ع واري معاھدي موجب ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته پاڻي جي کوٽ ۾ سمورا صوبا برابري جي بنياد تي پاڻي کوٽ کي برداشت ڪن. ٻي پاسي سنڌ جي آبپاشي واري کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شوري پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري کيس قومي اسيمبلي جي پاڻي جي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي فيصلن ۽ بابت سنڌ جي موقف بابت  بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي  پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمئن  بلاول ڀٽو چيو ته سڄي ملڪ ۾ پاڻي جو بحران عوام لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري رهيو آهي. ملڪ ۾ پاڻي جي بحران جي حل لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي پنهنجو ڪارائتو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو