214

”تون آسمان تان ناهين لٿي“ فردوس عاشق اعواڻ پروٽوڪول نه ملڻ تي اي سي سيالڪوٽ تي ڏمرجي پئي، اي سي تقريب ڇڏي هلي وئي

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ پروٽوڪول نه ملڻ تي اي سي سيالڪوٽ تي ڏمرجي پئي آهي، فردوس عاشق اعواڻ رش سبب پوئتي رهجي وڃڻ ڪري عورت اسسٽنٽ ڪمشنر تي ڪاوڙجي پئي، اي سي کي ٻڌايو ته تمام گهڻي رش هئي،ان ڪري مان ٿورو پوئتي رهجي وئي هئس، جنهن تي فردوس عاشق اعواڻ کيس چيو ته رش سڀني جي لاءِ آهي، توهان آسمان تان ته نه لٿيون آهيو، توهين جوڳي لهجي ۾ سوال ڪيو ته توهان کي ڪنهن مقرر ڪيو آهي؟ اسسٽنٽ ڪمشنر پهريان پنهنجي صفائي پيش ڪئي، بعد ۾ پنڊال مان واپس هلي وئي. هوڏانهن عورت اي سي سونيا صدف جو چوڻ هو ته فروٽ اس ۾ خراب ٿي ويندو آهي، ان تي ڪاوڙ ڪرڻ اجائي هئي، فردوس عاشق اعواڻ جو رويو صحيح نه هيو، آرام سان به ڳالهائي سگهي پئي. اهڙو رويو نه رکڻ گهرجي ها.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو