پيرس (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ تجديد جوڳي توانائي جي رجحان سان تيل ۽ گيس پيدا ڪندڙ ملڪن کي آمدني ۾ 90 کرب ڊالرن جي کوٽ درپيش آهي، اهو رجحان غريب پر وسيلن سان مالا مال ملڪن لاءِ وڌيڪ نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ماحوليات، توانائي ۽ صنعتن جي حوالي سان تحقيقي اداري ڪاربن ٽريڪر جي هڪ جائزي مطابق 400 ملين کان وڌيڪ ماڻهو اهڙن متاثر ملڪن ۾ رهن ٿا جتي نامياتي ٻارڻ جي آمدني ۾ گهٽتائي سان سرڪاري آمدني ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪڙو گهٽتائي ٿي سگهي ٿي جيڪا عوامي خدمتن ۾ ڪمي ۽ بيروزگاري جو سبب بڻجي سگهي ٿي. انهن مان اڌ ماڻهو نائيجيريا ۾ آهن جتي تيل جي آمدني ۾ 70 سيڪڙو گهٽتائي سان رياست جي آمدني ۾ هڪ ڀاڱي ٽي حصو گهٽتائي جو امڪان آهي. ڪاربن ٽريڪر جي سربراهه اينڊريو گرانٽ چيو ته هوا ۽ شمسي توانائي جهڙينون تجديد جوڳيون توانايون نامياتي ٻارڻ کان سستيون آهن. تيل پيدا ڪندڙ قومن کي 2040ع تائين سندن توقع جي مقابلي ۾ مجموعي طور 130 کرب ڊالر نقصان جو خطرو آهي.
