اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز کي 2 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي. رپورٽن مطابق جاتي امراءَ ۾ زمين جي خريداري واري معاملي جي سلسلي ۾ نيب مريم نواز کي نوٽيس جاري ڪندي 2 مارچ تي صبح 11 وڳي نيب ٽيم آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. ذريعن موجب نيب ٽيم مريم نواز کان جاتي امراءَ ۾ زمين جي خريداري بابت پڇاڻو ڪندي، جڏهن ته نيب احد چيما ۽ اڳوڻي ڊي سي نور الامين مينگل کي به جاچ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.
