160

جاپان ڪورونا ٽيسٽ ڪندڙ روبوٽ تيار ڪري ورتا

ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ) جاپان جي صحت واري وزير اهڙن روبوٽس جي پهرين نمونن جو معائنو ڪيو جيڪي هڪ مصنوعي ٻانهن ذريعي مريض جي نڪ اندران ڪورونا ٽيسٽ جا نمونا حاصل ڪندا ۽ 80 منٽن اندر نتيجو پڻ ٻڌائيندا. اهو روبوٽ ڪاواساڪي هيوي انڊسٽريز بڻايو آهي ۽ جاپان هلندڙ سال اولمپڪس کان پهرين ڪورونا وبا ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٻين قدمن کان علاوه ڪورونا ٽيسٽن ۾ تيزي آڻڻ چاهي ٿو. جاپان جي صحت واري وزير صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي سڄي دنيا ۾ رد عمل ڏسڻ گهرجي، ٽيسٽن جي تعداد م اضافو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙا روبوٽ طبي عملي جي ٻين معاملن ۽ ٽيسٽن جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ ڪم ايندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو