38

جتي عدالتن جو احترام ختم ٿي وڃي اتي خوني انقلاب ايندو آهي، خواهش آهي ته دل کولي ڳالهايان پر ڪجهه پابنديون به آهن: چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس قاسم خان جو چوڻ آهي ته جتي عدالتن جو احترام ختم ٿي وڃي اتي خوني انقلاب ايندو آهي. هاءِ ڪورٽ بار راولپنڊي پاران جسٽس طارق عباسي ۽ جسٽس مشتاق جي اعزاز ۾ الوداعي تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد قاسم خان جو چوڻ هو ته مظلومن ۽ مستحقن کي ترت انصاف ڏيڻو پوندو، وقت بدلجي چڪو آهي، هاڻي تعليم يافتا ۽ معاشي طور تي مضبوط ماڻهو انصاف لاءِ عدالتن جو رخ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جتي عدالتن جو احترام ختم ٿي وڃي اتي خوني انقلاب ايندو آهي. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪيسن ۾ اجايو تاريخون ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ريڊر ذريعي اکيون بند ڪري ڏيڍ مهينو يا 2 مهينا تاريخ نه ڏني وڃي، جيڪو جج پنهنجي ذميواري صحيح نموني سان ادا ڪندي نظر نه آيو ته ان خلاف قانون مطابق ڪارروائي ڪنداسين. هن چيو ته 2016ع جي سمورن سول ڪيسن جو فيصلو 31 مارچ تائين ڪرڻ وارو حڪم صحيح آهي، هاڻي اهو نٿو ٿي سگهي ته ڪيس ڏاڏو داخل ڪري  ۽ پوٽو ان جي پڄاڻي ڪري، هاڻي تيزي سان انصاف ڏيڻ لازمي آهي، تيزي سان انصاف ڏيڻ جو مقصد ڪيس بلڊوز ڪرڻ نه پر غير ضروري التوا ختم ڪرڻ آهي. هن چيو ته پنهنجي حلف جو پابند آهيان، عدليا ۾ سٺن ججن کي اڳيان کڻي اچڻو آهي، خواهش آهي ته ميڊيا کي ٻاهر ڪڍي ڪيمرائون بند ڪرائي وڪيلن سان دل کولي ڳالهيون ڪريان پر مون تي ڪجهه پابنديون به آهن، موقعو مليو ته اڻ ڳڻيون ڳالهيون لکت ۾ آڻيندس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو