192

جروار جتي دنيا جي ڪا به سهولت ميسر نه آهي….

ليکڪ: سڪندر بوزدار

دنيا جي تاريخ جو جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته دنيا ترقي جون منزلون طئي ڪندي زمين کان آسمان تائين پهتي آهي، دنيا انسان ذات جي سهولت لاءِ هر روز نيون ايجادون ڪري انساني زندگي کي آسان کان آسان بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، دنيا جي نقشي ۾ هڪ خطو سهڻي سنڌ جي نالي سان به آباد آهي، هونئن ته سڄي سنڌ جي ترقي اسان جي اکين آڏو آهي، پر هنن مختصر سٽن ۾  پاڻ ذڪر ڪنداسين، سنڌجي خوشحال ضلعي گهوٽڪي جي هڪ ننڍڙي شهر جروار جو، ڊگهن وڻن، ويڪرن رستن ۽ سنڌ جي سدا حيات راڳي ۽ سماج سڌارڪ ڀڳت ڪنور رام جي نالي سان مشهور هي شهر هن وقت انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهي، ڀڳت ڪنور جنهن جهر جهنگ ڳائي وڄائي انسانيت زندهه آباد جو پيغام ڏنو ان جو شهر جروار کنڊرن جو ديس بڻجي ويو آهي، جيڪڏهن اوهان هن شهر ۾ داخل ٿيندئو ته هي اوهان کي موهن جي دڙي جيان اجڙيل ملندو، هتي زندگي جي ڪا به بنيادي سهولت نه آهي، تعليم جيڪا دنيا جي ڪنهن به معاشري جي اڏاوت ۽ سڌاري لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي جروار واسين کان اها به کسي وئي آهي، اهڙي ته ويڌن آهي جو پرائمري اسڪول جي عمارت ڀڙڀانگ ۽ ڀوت بنگلي جو ڏيک ڏئي ٿي، نياڻين جي بنيادي تعليم يعني پرائمري اسڪول جي عمارت به اجاڙ آهي، هاءِ اسڪول جي عمارت سان به پرائمري اسڪولن جي عمارت جهڙي حالت آهي، اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته جروار جي سمورن اسڪولن جي حالت حيدرآباد جي پڪي قلعي جهڙي آهي، جيڪو پڻ هن وقت بيوسي ۽ ڌارين جي قبضي سبب اجاڙ ۾ آهي. صحت جي سهولتن جي ته ڳالهه ئي نه ڪيو، اسپتال جي عمارت ته خير ڇڏيو، پر اتي غريب مريضن کي بخار جي گوري به نٿي ملي، اسپتال جي عمارت جي حالت اهڙي آهي جو نظر وجهڻ سان لڳندو ته اجها ٿي ڪري، اسپتال جو عملو مبينا طور سرڪار طرفان مريضن لاءِ ايندڙ دوائون وڪرو ڪري ڇڏي ٿو ۽ عمارت جي زبون هجڻ جو فائدو وٺندي ملازم نوڪري به پنهنجي مرضي سان ڪن ٿا. آيا ته آيا نه ته خير آهي، پڇڻ وارو ڪير به ناهي، واٽر سپلاءِ اسڪيم ناڪارا هجڻ سبب شهري پيئڻ جي صاف ۽ مٺي پاڻي کان به محروم بڻيل آهن. جر کارو آهي، پاڻي نه هجڻ سبب جر جو استعمال ڪرڻ تي شهر ۾ هيپاٽائيٽس ۽ معدي جون بيماريون ڏينهون غربت وانگر زور وٺي رهيون آهن، روڊ ۽ رستا به اصل باغ بهار بڻيا پيا آهن، جروار کي گهوٽڪي ضلعي جي ٻين شهرن سان ملائيندڙ ڪو به روڊ سالم حالت ۾ نه ملندو، 10 سالن کان وٺي شهري روڊن جي نالي تي پٿرن مٿان سفر ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن، اردو جي ان شعر وانگر مهمان جي آجيان ڪن ٿا ته؛

انهي پٿرون پي چل ڪي گر آ سڪو تو آئو

ميري گهر ڪي راستي ۾ ڪو ئي ڪهڪشان نهين هي.

هن وقت جتي دنيا جديد سهولتن جا مزا ماڻي رهي آهي جروار ۽ ڀرپاسي ۾ رهندڙ 2 لک ماڻهو زندگي جي هر ان سهولت کان محروم آهن جيڪا خدا جي بندن لاءِ دنيا ۾ هوندي آهي، پٿر جو دور به ڪنهن چڱي حالت ۾ گذريو هوندو، جروار گهوٽڪي ضلعي جو انتهائي اهم  ۽ ڪاروباري شهر پڻ آهي، هن شهر ۾ پڙهيل لکيل ماڻهو هجڻ باوجود قبائلي اڪثريت آهي ۽ اڪثر ڪري هتان جا ووٽ برادري سطح تي ڏنا وڃن ٿا، پر افسوس آهي ته برادرين جا سردار ۽ اڳواڻ پڻ پنهنجي شهر جي حالت تي انهن آڏو احتجاج نٿا ڪن، جن کي هو ووٽ ڏيارين ٿا، عوام بار بار دانهي ٿڪجي پيو آهي، ان جي ڪير ٻڌي ڪو نه ٿو ته پوءِ هتان جا ماڻهو آخر ڪنهن جي در تي دانهن ڏين، ڪنهن کي پنهنجو درد ٻڌائين، ڪنهن سان اهو سور سلين ته هن جديد دور ۾ به اسان پٿر واري دور کان بدتر زندگي گذاري رهيا آهيون، ڪنهن کي ٻڌائين ته اسان کي دوا، پاڻي ۽ تعليم نٿي ملي، ڇا هڪ عام ماڻهو دوا، تعليم، پاڻي ۽ روڊ به نه گهري، ڄاڻايل سهولتون ئي بنيادي چورائين ٿيون، هتان جا نمائندا ووٽ وٺي ايوان ۾ ويهي ننڊون ڪن ٿا، پاڻ ان کانسواءِ ٻيو ڇا ٿا ڪري سگهون ته هنن سٽن ذريعي کين اپيل ڪيون ته خدا جا بندا جن ٻه لک ماڻهن اوهان کي ووٽ ڏئي عزت سان ايوان ۾ ويهاريو آهي ۽ جن جي ووٽ جي بدولت اوهان جي عزت ۽ احترام ۾ واڌ ٿي آهي، اوهان انهن جي ٽئڪس جي پئسن مان پگهارون کڻي لک ۽ ڪروڙ پتي ٿيا آهيو انهن طرف به ٿورڙو ڌيان ڏيو، انهن جي لاءِ نه ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي مستقبل جي لاءِ ئي سهي جروار جي عوام کي بنيادي سهولتون يعني اسڪول، صحت مرڪز ۽ روڊ ڏياريو، ڇو ته وري به اوهان کي انهن جي انهن ئي ٻه لک ووٽن جي ضرورت پوندي. جنهن سان اوهان هڪ ڀيرو ٻيهر ايوان جي ڪرسي سينگاري سگهندئو، خدارا ٿورڙو رحم ڪري جروار جي عوام جو حال به سينگاريو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو