238

جلسو ملتوي ڪرڻ سان مخالف ڌر جي شان ۾ گهٽتائي نه ٿيندي، تڪرار جي حق ۾ ناهيون: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته جلسو ملتوي ڪرڻ سان مخالف ڌر جي شان ۾ گهٽتائي نه ٿيندي، تڪرار جي حق ۾ ناهيون. شاهه محمود قريشي نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته اسلاموفوبيا تي پاڪستان جي موقف کي تائيد ملي، ڀارت ڪوشش ڪئي ته ڪشمير واري مسئلي کي نه اٿاريو وڃي. هن چيو ته مخالف ڌر سان تڪرار جي حق ۾ ناهيان، جلسو ملتوي ڪرڻ ڪو وڏو مسئلو ناهي، مخالف ڌر اڳواڻ وڏپڻي جو مظاهرو ڪري ۽ انتظاميا کي به صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر جلسو ملتوي ڪندي ته سندن شان ۾ گهٽتائي نه ايندي، جماعت اسلامي پنهنجا جلسا ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تي سندن ٿورائتا آهيون، جڏهن ته اسد عمر سکر ۾ هڪ ويهڪ ڪئي ان کي جلسو نٿو چئي سگهجي، ان ۾ 300 کان به گهٽ ماڻهو هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو