126

جمهوري ملڪ هجڻ جي دعويدار ڀارت ڪشميرين جا سڀئي حق کسي ڇڏيا آهن: حريت ڪانفرنس

سرينگر (ويب ڊيسڪ) غير قانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس چيو آهي ته جمهوري ملڪ هجڻ جي دعويدار ڀارت گذريل 73 سالن کان ڪشميري عوام جا سمورا سياسي، اقتصادي ۽ مذهبي حق کسي فوجي طاقت جي زور تي سندن جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق حريت ڪانفرنس جي جنرل سيڪريٽري مولوي بشير احمد سرينگر مان جاري بيان ۾ چيو ته ڪشميري عوام ڪنهن به ملڪ جي جمهوريت جو جشن ملهائڻ جي خلاف ناهن پر جهڙيءَ ريت گذريل 73 سالن کان جمهوريت جي نالي تي سندن سمورا جمهوري ۽ انساني حقَ کسيا ويا آهن ته انهن وٽ ڀارتي ظلمن کان عالمي برادريءَ کي باخبر رکڻ لاءِ احتجاجي هڙتال ئي هڪ مؤثر ذريعو آهي. انهن عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي نبيري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو