152

جنرل قاسم سليماني جي پهرين ورسي جي موقعي تي ايران ۽ اسرائيل پاران هڪٻئي کي ڌمڪيون

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پاسدارن انقلاب جي ڪمانڊر جنرل قاسم سليماني جي پهرين ورسي جي موقعي تي ايران ۽ اسرائيل هڪ ڀيرو ٻيهر هڪٻئي خلاف ڌمڪين واري ٻولي استعمال ڪرڻ شروع ڇڏي آهي. ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف جو چوڻ آهي ته اسرائيلي ايجنٽ عراق ۾ آمريڪين خلاف حملن جي سازشن ۾ مصروف آهي. جواد ظريف آمريڪي صدر کي اسرائيلي منصوبي ۾ ڦاسڻ کان بچڻ جو مشورو به ڏنو. ٻئي پاسي اسرائيلي فوج ايران، عراق ۽ يمن ۾ امڪاني جوابي حملي جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. اسرائيلي عملدارن جو چوڻ آهي ته ملڪ تي ڪارروائي ڪندڙن کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو